اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر ڪرپشن ۽ چوري ڪري پاڪستان ??مي?? سڄي ملڪ ۾ اثاثا ٺاهيا، پاناما دستاويز پاڪستان جي ڪنهن ميڊي?? هائوس يا نيب جاري ناهن ڪيا، لنڊن جي ملڪيتن جي ??وا??ي سان بي بي سي ج?? ڊاڪيومينٽري ٺهي، جڏهن ته نيويارڪ ٽائيمز آرٽيڪل به لکيا، بهترين جمهوريت جي لاءِ ميڊيا جو هجڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ مخالف ڌر پاران پيش ڪيل رٿن تي بحث ۾ حصو وٺندي ڪيو. وفاقي وزير مراد سعيد نئين ??ال جي آغاز کي سينيٽ جي سڀني ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون، هن چيو ته نيب جي ??وا??ي سان نيب جو ترجمان ئي بهتر ڳالهائي سگهي ٿو، هن ميڊيا ۽ اينڪرز جي ??وا??ي سان بيانن جي مذمت ڪندي چيو ته ميڊيا ۽ صحافين کي جنهن انداز سان مخاطب ڪيو ويو ۽ پوري صحافي برادري کي تڪراري بڻايو ويو اها غير مناسب ڳالهه آهي، هن چيو ته ماضي ۾ نيب ??مي?? پارليامينٽ، ايس اي سي پي، ايف بي آر، ۽ قومي اسيمبلي کي پنهنجي مرضي جي ماڻهن جي خلاف ۽ پنهنجي ڪرپشن جي دفاع لاءِ استعمال ڪيو ويو.
مخالف ڌر ڪرپشن ۽ چوري ڪري پاڪستان سميت سڄي ملڪ ۾ اثاثا ٺاهيا: مراد سعيد
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن