جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سع??دي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سع??د سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي سع??دي عرب جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳا??ن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هن وقت سع??دي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جي سع??دي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪندي گڏيل لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ