اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پوکيءَ جي شعبي ۾ بهتر ٽيڪنيڪ اختيار ڪري ??صل?? جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ٻجن ۽ ڀاڻ جي بهتر معيار ج?? پيداوار ج?? لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ خريف جي ??صل?? بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري و??اقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري و??اقي وزير شوڪت فياض ترين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، صنعت واري و??اقي وزير مخدوم خسرو بختيار ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي صنعت وارن صوبائي وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته خريف جي ??صل?? ۾ ڪپهه، چانور، مڪئي ۽ ڪمند ملڪ ۾ پوکي و??ندڙ وڏيون ??صل??ن آهن، حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري انهن سمورين ??صل?? جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته سٺي معيار ج?? ٻجن ۽ جيت مار دوائن، موثر تحقيق ۽ ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪري ملڪ ۾ زرعي شعبي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين ??صل?? جي پيداوار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.
حڪومت پوکيءَ جي شعبي ۾ بهتر ٽيڪنيڪ اختيار ڪري فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار