اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??اڪ??تان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي بر??در?? جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته ??اڪ??تان جي قيام جو وڏو مقصد اقليتن جي حقن جو تحفظ هو، قائداعطم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ واضح ڪيو هو ت?? ??اڪ??تان جي رياست ۾ اقليتن جي حقن کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? ڪرسمس جي دلچسپ ۽ زبردست تاريخ آهي، هر نئين صدي ۾ ڪرسمس ۾ نوان رنگ ڀرجندا ويا، ڪرسمس کي سدائين خو??ين جو ڏڻ تصور ڪيو ويندو آهي، هن چيو ت?? ??اڪ??تان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي بر??در?? جو اهم ڪردار آهي، ??اڪ??تان جي مستقبل ۾ اقليتن جي ڪردار کي وڌيڪ ساراهيو ويندو، هن چيو ت?? اهڙي طرح جي تقريبن جو انعقاد ان لاءِ به ضروري آهي ته ماڻهن کي ٻڌائي سگهجي ته رياست ۾ سڀني اقليتن جا ماڻهو شامل آهن. اطلاعات واري وزير اطلاعات واري وزارت ۽ اي پي پي ۾ ڪرسمس جي تقريب جي انعقاد کي ساراهيندي مسيحي بر??در?? کي ڪرسمس جي خو??ين جي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي ملازمن ۾ سوويئنرز به ورهايا، تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسين، انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل سيد جاويد، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب، مسيحي ملازمن ۽ سندن گهرڀاتين سميت ٻيا به موجود هئا.
پاڪستان جي قيام جو وڏو مقصد اقليتن جي حقن جو تحفظ هو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس