تيمر گره – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بي اعتمادي ر?? کان هڪ ڏينهن پهرين ڊي چوڪ ۾ وڏي جلسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ نوٽن جا ٿيلها کڻي اسيمبلي ميمبرن جي پويان پويان گهمي ر??يا آهن، کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيڻ وارو آهي، بي اعتمادي ر?? جو ميچ ڪپتان کٽيندو، ??وءِ ڏسجو آئون انهن سان ڪهڙو سلوڪ ٿو ڪريان، فضل الرحمان، زرداري ۽ شهباز شريف جون هڪ ئي بال تي وڪيٽون ڪرائيندس، ٽئي منهنجي نشاني تي اچي ويا آهن، ڪڏهن ڪنهن جي ??امهون نه جهڪيو آهيان نه پنهنجي قوم کي جهڪڻ ڏيندس، حڪومت ته ننڍي شيءَ آهي جان به ڏيڻي پئي ته چورن کي نه ڇڏيندس، پاڪستان ۾ ڊيزل ۽ پيٽرول دبئي کان به سستو آهي، ملڪي سالميت لاءِ مضبوط فوج ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تمير گره، لوئر دير ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو قيام ڪلمه طيبه جي ??نياد تي ٿيو، ڪلمه طيبه جو هڪ پورو فلسفو آهي، غير جي ??ڳيان جهڪندڙن جي ??نيا ۾ ڪا به عزت ناهي هوندي، مسلمانن تعداد ۾ گهٽتائي جي ??اوجود قيصر ۽ ڪسريٰ جهڙي سپر پاورز کي شڪست ڏني ۽ اهي 8، 9 سالن جي مختصر عرصي ۾ ئي مسلمانن جي ??امهون گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي ويون، دنيا صرف خوددار قوم جي ??زت ڪندي آهي، پاڪستان کي خود دار ملڪ بڻائڻ، فلاحي ر??است جو قيام ۽ عدل ۽ انصاف جو نظام قائم ڪرڻ ۽ طاقتور کي قانون جي ??ابع بڻائڻ اسان جي منشور جو حصو آهي ۽ اهو ??نشور اسان مديني جي ??ياست کان ورتو آهي، نبي ڪريم ﷺ دنيا جي پهرين فلاحي ر??است قائم ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ تي 35 سالن کان حڪومت ڪندڙ اڄ گڏجي ويا آهن، دنيا ۾ اسان جي ??ائي پاسپورٽ جي ??زت انهن جي ڪري نه آهي، ڇو ته ماضي جي ??ڪومتن ملڪ کي قرضي ڪيو ۽ وڏين طاقتن جي ??امهون جهڪيل رهيا. 2000ع کان 2018ع تائين نواز شريف ۽ زرداري جي ??ورن ۾ ملڪ تي 400 ڊرون حملا ٿيا ۽ بي گناهه ماڻهو ??اريا ويا پر نواز شريف، زرداري هڪ ڀيرو به مذمت نه ڪئي ڇو ته انهن جا اربين روپين جا اثاثا ٻاه?? پيل آهن، انهن حملن جي ??لاف صرف تحريڪ انصاف ئي رستن تي نڪرندي هئي ۽ تحريڪ انصاف سدائين ڊرون حملن جي مذمت ڪئي، نواز شريف جي ??ور ۾ مودي اسان جي فوج کي دهشتگرد چئي ر??يو هو ??ر نواز شريف هڪ دفعو به مودي جي مذمت نه ڪئي ۽ پرڏيهي آفيس جي ??رجمان کي به ڀارت جي ??لاف بيان ڏيڻ کان روڪيو ويو، ??اضي جي ??ڪمرانن جو پئسو ملڪ کان ٻاه?? پيل آهي جنهن جو پئسو ملڪ کان ٻاهر هجي ??زاد پرڏيهي پاليسي نٿو بڻائي سگهي، اسان قائداعظم کي پنهنجو اڳواڻ مڃون ٿا، هو صادق ۽ امين ۽ دلير هو، انگريزن جي ??کين ۾ اکيون وجهي هن ملڪ آزاد ڪرايو ۽ پنهنجي مقصد لاءِ جان جي ??ازي لڳائي ڇڏي. وزيراعظم چيو ته نه هو ڪڏهن جهڪيو آهي ۽ نه ئي پنهنجي قوم کي ڪنهن جي ??امهون جهڪڻ ڏيندو. وزيراعظم چيو ته فضل الرحمان چوي ٿو ته اقتدار ۾ اچي اداري کي ٺيڪ ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اڄ پاڪستان محفوظ آهي ته اهو ??اڪ فوج جي ڪري ئي آهي، ملڪي سالميت لاءِ مضبوط فوج ضروري آهي، مسلمان دنيا جون حالتون ڏسون ته ان تي هڪ عذاب آيل آهي، عراق، شام، صوماليه ۽ افغانستان ۾ ڇا ٿيو آهي سڀني جي ??امهون آهي، جنهن ملڪ وٽ پنهنجي قوت نه هجي ??هو آزاد نٿو رهي سگهي، ماضي جي ??ڪمرانن سمورا ملڪي ادارا تباهه ڪري ڇڏيا، عدالتن تي حملا ڪيا ويا، ججن کي خريد ڪيو ويو، چيف جسٽس کي ڏنڊن سان ڀڄايو ويو ۽ فون ڪال ڪري ججن کان فيصلا ورتا ويا، ميڊيا کي لفافا ۽ رشوت ڏني ويندي هئي. هن چيو ته نواز شريف سڀني کان وڏو بزدل، ڀڳوڙو ۽ ڪوڙو آهي، پهرين ڪوڙ ڳالهايو ته مشرف سان 10 سالن جو ڪو به معاهدو ناهي ڪيو ۽ هن ڀيري بيماري جو بهانو بڻائي ٻاهر هليو ويو، ??واز شريف ڇانگامانگا جي ??ياست کي فروغ ڏنو، ??يمبرن جون قيمتون لڳايون ۽ جنرل آصف نواز کي رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، کٽمنڊو ۾ مودي سان لڪي ملاقات ڪئي ۽ نواز شريف ئي ڪشميرين تي ظلم ڪندڙ مودي کي شادي ۾ گهرايو. هن چيو ته فضل الرحمان ته اهو ??اڻهو آهي جنهن آمريڪي سفير کي چيو ته مون کي به موقعو ڏيو، آصف علي زرداري ملڪ جي ??ڀ کان وڏي بيماري آهي، ميموگيٽ ۾ آمريڪا کي خط لکيو ته مون کي بچائي، ننڍو شوباز شريف چئي ر??يو آهي ته يورپي يونين جي مذمت ڪري مون غلط ڪيو آهي، هي ٽائي، قيمص ۽ سوٽ پائي چوندو آهي ته مون کي به خدمت جو موقعو ملڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڦورئن جي گلدستي کي منهنجو پيغام آهي ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيڻ وارو آهي، پنهنجا خواب وساري ڇڏيو، ??خالف ڌر اهو ئي ڪم ڪيو آهي جنهن جون مون دعائون گهريون ته اهي بي اعتمادي جي ??ٿ آڻين، ڪڏهن اهي ڌرڻا هڻندا آهن، ڪڏهن حڪومت وڃڻ جون تاريخون ڏئي ر??يا هوندا آهن، شڪر آهي ته هنن موقعو ڏنو آهي ته هاڻي هڪ ئي يارڪر سان ٽئي وڪيٽون ڪرائيندس، عدم اعتماد کان هڪ ڏينهن پهرين ڊي چوڪ ۾ انسانن جو سمنڊ هوندو ۽ آئون قوم کي ٻڌائيندس ته اهي ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ر??يا آهن اسان کين نه ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته نواز شريف کي سوشل ميڊيا تي آمريڪي صدر سان گڏ ويٺل ڏٺو هوندو هن جي هٿ ۾ پرچي پڪڙيل آهي ۽ ان جون ”ڪانپين ٽانگ“ رهيون هيون ۽ گهٻرايل هو ته ڪٿي آقا ناراض نه ٿي وڃي ۽ ان جي چوري جو پئسو نه پڪڙيو وڃي. وزيراعظم چيو ته بلاول ته ٻار آهي ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان، سنڌ مان ماڻهن کي پئسا ڏي اسلام آباد آندو ۽ پوءِ آخر ۾ ان جو پيغام ڇا هو ته ”ڪانپين ٽانگ“ رهيون آهن، اڳتي ڏسو ته نوان نوان لفظ نڪري سامهون ايندا. ڪڏهن ”ڪانپين ٽانگ“ رهيون آهن، ڪڏهن ”چيني اگتا هي“ ۽ ڪڏهن ”بارش آتا هي“، بلاول کي به زبردستي ليڊر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم چيو ته اسان ملڪ کي فلاحي ر??است بڻائڻ جي ??اهه تي گامزن آهيون، دنيا جي ??مير ملڪن ۾ به يونيورسل هليٿ ڪوريج جي ??هولت نه آهي، پر اڄ پاڪستان ۾ هر شهري وٽ صحت ڪارڊ جي ??ورت ۾ 10 لک روپين جي هيلٿ انشورنس آهي، پاڪستان دنيا لاءِ هڪ مثال بڻجندو، گهر بڻائڻ لاءِ قرض ڏنا پيا وڃن، هارين جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ فني تعليم لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ کين قرض ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته مهانگائي پوري دنيا ۾ آهي، احساس راشن ڪارڊ تحت 2 ڪروڙ خاندانن کي سبسڊي ڏني پئي وڃي ۽ ماڻهو ڪريانه اسٽور کان اٽو، گيهي ۽ کنڊ 30 سيڪڙو سستي حاصل ڪري سگهن ٿا، پاڪستان ۾ ڊيزل ۽ پيٽرول دبئي کان به سستو آهي، جنهن معاشري ۾ انصاف نه هجي ??ه اهو تباهه ٿي ويندو آهي ان لاءِ قانون جي ??الادستي ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجو ٽن ڦوروئن سان مقابلو آهي پر اهي منهنجي نشاني تي اچي ويا آهن، هڪ ان سوئنگ يارڪر سان ٽنهي جون وڪيٽيون ڪرائيندس، اهي مون کان اين آر او گهري ر??يا آهن، حڪومت ته ننڍڙي شيءَ آهي جان به ڏيڻي پئي ته چورن کي نه ڇڏيندس، جيل غريبن سان ڀريا پيا آهن جڏهن ته طاقتور ڏوهاري ٻاهر گهمي ر??يا آهن، جيستائين جسم ۾ جان آهي انصاف جي ??نگ وڙهندو رهندس. وزيراعظم چيو ته خودداري، انسانيت ۽ انصاف تي مديني جي ??ياست جو بنياد رکيو ويو هو، ??وجوانن کي سيرت النبي ﷺ سان روشناس ڪرائڻ لاءِ رحمت اللعالمين اٿارٽي ٺاهي آهي، اسان جو نبي صه رحمت اللعالمين آهي، الله تعاليٰ امربالمعروف و نهي عن المنڪر جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ نوٽن جا ٿيلها کڻي اسيمبلي ميمبرن جي پويان پويان ڦري ر??يا آهن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي 20، 20 ڪروڙ روپين جي ??ڇ ڪئي پئي وڃي، قوم جي ??امهون تماشو لڳل آهي، اولهه ۾ ڪنهن جو ضمير خريد ڪرڻ جو ڪو به تصور نه آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن تي شڪ ٿي وڃي ته پوءِ اهو ??عاشري ۾ پنهنجو منهن ڏيکارڻ جي قابل ئي نٿو رهي، اسان جي ملڪ جي ??دقسمتي آهي ته انهن چورن 35 سال حڪومت ڪري سٺي ۽ خراب جي ??ميز ختم ڪري ڇڏي آهي. سينيٽ جي چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي پئسا ڏيڻ جي وڊيو منظرعام تي آئي هئي، اولهه ۾ جيڪڏهن اهڙو واقعو پيش اچي ها ته ان جو ذميدار جيل ۾ هجي ها، وزيراعظم چيو ته بي اعتماد رٿ پيش ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ قوم کي ان جي لاءِ ڊي چوڪ ۾ گهرائي ر??يو آهيان ته جيئن مخالف ڌر کي اهو ??يغام ڏنو وڃي ته اسان جي قوم زنده آهي ۽ هو ڀلائي سان گڏ بيٺل آهي ۽ برائي کي ختم ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته شهباز شريف جي چپڙاسي جي ??ئنڪ اڪائونٽ مان به پوڻا چار ارب روپيا نڪتا آهن، شهباز شريف جڏهن نيب ۾ پيش ٿيندو آهي ته ان جي چيلهه ۾ درد ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن اسيمبلي ۾ تقرير ڪندو آهي ته ان جي ??قرير ختم ئي ناهي ٿيندي، وزيراعظم چيو ته اسان جي ??ن ميمبرن کي ر??م جي ??ڇ ٿي ر??ي آهي اهي مون کي ٻڌائي ڇڏيندا آهن، آئون انهن کي چوندو آهيان ته حرام جو پئسو آهي ڪڏهن پنهنجو ضمير نه وڪرو ڪيو، عزت ۽ ذلت الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي، جيڪڏهن اهي پئسا ڏين ٿا ته بي شڪ وٺو، ان پئسي مان ڪو يتيم خانو يا لنگر خانو کوليو ۽ غريبن جي مدد ڪريو. وزيراعظم عمران خان چيو ته بي اعتمادي ر?? جو ميچ توهان جو ڪپتان کٽيندو ۽ پوءِ ڏسجو ته ان کانپوءِ انهن چورن سان آئون ڪهڙو سلوڪ ڪريان ٿو، ??يڙاڪي کي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان به خطاب ڪيو.
مخالف ڌر اڳواڻ نوٽن جا ٿيلها کڻي اسيمبلي ميمبرن جي پويان گهمي رهيا آهن، فضل الرحمان، زرداري ۽ شهباز شريف جون هڪ ئي بال تي وڪيٽون ڪرائيندس: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ