اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان انشاءُ الله بي اعتمادي رٿ جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ مخالف ڌر کي شڪست ڏينداسين. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي بلاول کي گذارش آهي ته قومي ۽ آئيني ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ مناسب نه آهي، اسان انشاءُ الله بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪنداسين ۽ کين شڪست ڏينداسين. هن چيو ته بلاول آرٽيڪل 6 جو ذڪر ڪندو آهي، آئين سڀني لاءِ مقدس آهي. پرڏيهي وزير بلاول کا?? پڇيو ته جڏهن توهان ۽ توهان جو والد نوٽن جا ٿيلها کڻي ميمبر?? جي درن تي وڃي چئي رهيا آهيو ته پنهنجيون وفادارايون تبديل ڪريو ته ڇا اهو حلف کا?? منهن موڙڻ ناهي؟ آئي?? جي روح کي توهان ۽ توهان جو والد متاثر ڪري رهيا آهيو، انهن غير آئيني حربن کا?? پاسو ڪريو. شاهه محمود قريشي چيو ته اهو نه وساريو ته اهڙا ماڻهو به آهن جنهن اسان کي اچي ٻڌايو آهي ته توهان انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، سياسي ڪارڪ?? جي حيثيت سان مون ۽ منهنجي پارٽي کي پنهنجي اتحادين تي مڪمل اعتماد آهي، اهي ڏاها ماڻهو آهن ۽ هر مشڪل وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ اهي مخالف ڌر جي سمورين چالن کي سمجهن ٿا. اهي سب تجربيڪار سياستدان آهن ۽ ڪنهن لالچ ۾ نه ايندا. هن چيو ته پاڪستا?? جي باشعور عوام سمجهي ٿي ته انه?? جي ”ان هولي ال??ئنس“ جو انتظام تمام جلد وکري ويندو ڇو ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جو ڪو هڪ نظريو ۽ هڪ سوچ نه آهي. پرڏيهي وزير سوال ڪيو ته ڇا بلاول پيپلزپارٽي جي آئيڊيالوجي کي مولانا جي آئيڊيالوجي ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇو ته ن ليگ جي پنهنجي سوچ آهي جيڪڏهن توهان جو خيال آهي ته مريم نواز مستقبل جي ليڊر توهان کي سمجهي ٿي ته اها توها?? جي غط فهمي آهي، توهان جو نه نظريو، نه قيادت ۽ نه ئي منشور هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان جو هر شعور رکندڙ شهري سمجهي چڪو آهي ته ان ”ان هولي ال??ئنس“ جو مقصد عمران خان کي هٽائڻ آهي. ماڻهو ان ڳالهه جي تهه تائين پهچي چڪا آهن ته توهان عمران خان کا?? ڊنل ڇو آهيو؟ پرڏيهي وزير چيو ته ڇا ان بي ي??يني جي ڪيفيت سان پاڪستا?? جي معيشت کي فائدو پهچي رهيو آهي؟ ڇا ان بي ي??يني جي ڪيفيت سان توهان افغانستا?? جي ماڻه?? جي خدمت ڪري رهيا آهيو، توهان دنيا کي ڪنفوزڊ سنگل ڇو ڏيڻ چاهيو ٿا؟ هن چيو ته مون کي ي??ين آهي ته کين جلد سخت مايوسي ٿيندي. اسان کي او آءِ سي جي اجلاس جي اهميت جو پتو آهي، انشاءُ الله 22 ۽ 23 مارچ تي او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. هن چيو ته اڄ وڏيون وڏيون آڇون ڪيون پيون وڃن، ڇا جن کي آڇون ڪيون پيون وڃن اهي توها?? جي ماضي کا?? غافل آهن؟ هن چيو ته مون کي ي??ين آهي ته انشاءُ الله اهي ناڪام ٿيندا. اهي ٽيهه، 30 هزار روپيا ڏئي ماڻهن کي سنڌ مان آندو، ڇا کڻي آيا ۽ ڇا ڏئي ويا؟
پاڪستان جي باشعور عوام سمجهي ٿي ته مخالف ڌر اتحاد ۾ شامل پارٽين جو ڪو به هڪ نظريو ۽ هڪ سوچ نه آهي، اسان بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪنداسين: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری