اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلو??ست??ن ۽ ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ سندس حڪومت ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، ريڪوڊڪ معاهدي سان بلو??ست??ن ۾ وڏي پئماني تي سيڙ??ڪا??ي شروع ٿيندي جنهن سان بلو??ست??ن ۾ عام شهرين جي زندگي جو معيار بدلجي ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چاغي ۾ تانبي ۽ سون جي کاڻين جي ترقي بابت ٽيٿيان ڪاپر ڪمپني (ٽي سي سي) سان ڊگهي عرصي کان جاري ريڪوڊڪ تڪرار کي ڪاميابي سان حل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان حڪومت، بلو??ست??ن حڪومت ۽ ڪئناڊا جي بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نئين معاهدي تي آچر ڏينهن وفاقي ۽ بلو??ست??ن حڪومت جي نمائندن ۽ بيرڪ گولڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر مارڪ برسٽو جي قيادت ۾ وفد صحيحون ڪيون. نئين معاهدي جي شرطن موجب بيرڪ گولڊ ڪمپني ريڪوڊڪ منصوبو پاڪستاني ادارن سان حصيداري ۾ بحال ۽ تيار ڪندي. منصوبي ۾ بيرڪ گولڊ ڪمپني جو 50 سيڪڙو حصو هوندو. باقي 50 سيڪڙو حصيداري پاڪستان جي ملڪيت هوندي جيڪا وفاقي ۽ بلو??ست??ن جي صوبائي حڪومت جي وچ ۾ برابر طور ورڇ ٿيندي. معاهدي تحت وفاقي حڪومت جي 25 سيڪڙو حصيداري کي وفاقي حڪومت جي ٽن سرڪاري ڪاروباري ادارن (ايس او ايز) آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل)، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) ۽ گورنمينٽ هولڊنگز پاڪستان لميٽيڊ (جي ايڇ پي ايل) ۾ برابر ورهايو ويندو. بلو??ست??ن جو حصو هڪ ڪمپني وٽ هوندو جنهن جي مڪمل ملڪيت ۽ ڪنٽرول بلو??ست??ن حڪومت وٽ هوندو. بلو??ست??ن جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب منصوبي ۾ بلو??ست??ن حڪومت جي حصي جو سرمايو ۽ آپريٽنگ خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي يعني ٻين لفظن ۾ بلو??ست??ن حڪومت کاڻين جي ترقي تي ڪو مصارف ادا نه ڪندي ۽ ان حوالي سان خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي ڏس ۾ بلو??ست??ن ۾ اٽڪل 10 ارب ڊالر جي سيڙ??ڪا??ي ڪئي ويندي، جنهن ۾ رستن، اسڪولن، اسپتالن ۽ کاڻيون کوٽڻ جي لاءِ ٽيڪنيڪل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جي جوڙجڪ جهڙن سماجي ترقي جي منصوبن جي لاءِ 1 ارب ڊالر جي سيڙ??ڪا??ي به شامل آهي. معاهدي جي نتيجي ۾ سيڙ??ڪا??ي سان 800 کان وڌي?? نيون نوڪريون پيدا ٿينديون ۽ ان سان بلو??ست??ن پاڪستان ۾ سڌوسنئون پر??يه?? سيڙ??ڪا??ي مان وڌيڪ فائدو کڻندڙ صوبو بڻجي ويندو، ريڪوڊڪ منصوبو دنيا ۾ تانبي ۽ سون جي کاڻيون کوٽڻ جي سڀ کان وڏن منصوبن مان هڪ هوندو. ملڪ جي معدني دولت جي وڌ کان وڌ استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سميلٽر (خام ڌات کي پگهرڻ وارو ڪارخانو) قائم ڪرڻ تي پڻ غور ڪري رهي آهي. هي معاهدو گذريل ٽن سالن دوران ڳالهه ٻولهه جي ڪيترن ئي دورن کانپوءِ طئي ٿيو آهي. آگسٽ 2019ع ۾ وزيراعظم عمران خان معدنيات جي کاڻين جي جلد ترقي جي مقصد تحت ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ان ڪوشش ۾ عالمي صلاحڪارن جي مدد حاصل هئي. حڪومت ان معاملي کي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ آڏو پڻ پيش ڪندي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڇي ته معاهدو سمورن قانونن موجب طئي ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته بلو??ست??ن ۽ ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ سندس حڪومت ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان سيڙ??ڪا??ي سان بلو??ست??ن ۾ وڏي پئماني تي سيڙ??ڪا??ي شروع ٿيندي جنهن سان بلو??ست??ن ۾ عام شهرين جو معيار زندگي بدلجي ويندو. وزيراعظم بلو??ست??ن جي عوام جي لاءِ شفاف ۽ سازگار معاهدو ڪرڻ تي ڳالهين واري ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان سان بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن جي وفد ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ ڪئناڊا جو هاءِ ڪمشنر وينڊي گلمور پڻ ان موقعي تي موجود هو.
ريڪوڊڪ معاهدي سان بلوچستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري شروع ٿيندي جنهن سان بلوچستان ۾ عام شهرين جي زندگي جو معيار بدلجي ويندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار