غذر – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪند??سي??، متاثرين کي امداد جي شفاف ورڇ تي ڪو ٺاهه نه ڪند??سي?? ڀلي ان جي لاءِ حڪومت جي قرباني ڏيڻي پوي، وزيراعظم غذر جي علائقي بوبر ڳوٺ جي بحالي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا جڏهن ته 5 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جي لاءِ گرانٽ جي فراهمي جو اعلان ڪيو. گلگت بلتستان جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ ت??ها?? وٽ حاضر ٿيا آهيون ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، ت??ها?? جي پيارن جي وڇڙي وڃڻ جو اسان کي دلي افسوس آهي، ٻوڏ ريلي غذر ۾ جيڪا تباهي مچائي آهي ??ن تي پورو پاڪستان ڏکويل آهي، برساتن، دريائن جي طغياني ۽ ٻوڏ سان پوري پاڪستان ۾ جيڪا تباهي ??ئي اهي ??ن جو مٿا?? نه ٿو ملي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هر طرف ??ڪ تباهي متل آهي، خيبرپختونخواهه ۾ سوات ويلي ۾ تباهي ٿي آهي، پنجاب جي ڏاکڻي ضلعن ۾ تباهي ٿي آهي، گلگت بلتستان ۾ به انتهائي افسوسناڪ ۽ ڏک ڀريل ڪهاڻي آهي، هڪ هزار کان وڌيڪ فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا، لکين گهر تباهه ٿيا، لکين چوپايو مال وهي ويو، هزارين ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿيا. هن چيو ته معاشي طور تي پاڪستان اڳ ۾ ئي مشڪل صورتحال ۾ هو، هاڻي ٻوڏ ۽ برساتن جي صورت ۾ هڪ ٻيو امتحان اچي ويو آهي ??ڏهن ته الله جي ڪرم ۽ مهرباني سان ان جو مقابلو ڪند??سي??. هن چيو ته هو اتحادي پارٽين پاران اهو ٻڌائڻ آيو آهي ??ه متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيند??سي??، متاثرين جون ڪهاڻيون دل کي چيري ڇڏين ٿيون، هتي ويٺل ٻارڙي جي خاندان جا 8 ماڻهو طغياني جي ور چڙهي ويا، الله پاڪ ان ٻارڙي کي صبر ۽ همت ڏي، اهو حڪم الاهي ??هي ??ن جي اڳيان ڪنهن جي نه ٿي هلي، الله پاڪ انهن فوت ٿيندڙن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي، غذر ۾ 17 ماڻهو فوت ٿيا، وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا معاوضو ڏنو پيو وڃي جڏهن ته اهو معاوضو ڏکن جومداوو نه آهي پر زندهه رهندڙن جي لاءِ وسيلا گهرجن. هن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ انهن 17 ماڻهن جي پونئيرن کي اهو معاوضو ملڻ گهرجي، تباهه ٿيندڙ گهرن جو معاوضو به ڏيند??سي??، اين ڊي ايم اي پاران گڏيل سروي شروع ڪئي وئي اهي، مشڪلاتن جو گڏجي انصاف سان مداوو ڪند??سي??، پوري قوم کي اهو يقين ڏياريون ٿا ۽ واعدو ڪريون ٿا ته امداد رڳو حقدار کي ملندي، شفافيت تي ڪو ٺاهه نه ڪند??سي??، منهنجي جان يا حڪومت هلي وڇي ان تي ڪو ٺاهه نه ڪندس، هڪ هڪ پائي حقدار تائين پهچندي، ان ۾ ڪا سياست رنڊڪ نه بڻجندي. هن چيو ته جيڪو به ت??ها?? جي حق لاءِ وڙهندو ان کي شاباس ڏيند??سي??، هي هڪ جهاد آهي، ان ۾ سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، ڏکويل انسانيت جو هٿ پڪڙڻو آهي. هن چيو ته اسان جا دوست ملڪ تعاون ڪري رهيا آهن، ترڪيه مان هڪ وفد آيو، ان سان ملاقات ٿي، اهي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهن، انهن ڀائرن وانگر پنهنجي دل کولي آهي، اهڙي طرح گڏيل عرب امارات کان به امداد ملي رهي ??هي، چين، برطانيا، آمريڪا، قطر سميت ٻين ملڪن کان به امداد ملي رهي ??هي. هن چيو ته پنهنجي زندگي ۾ ايتري وڏي ٻوڏ ڪڏهن ناهي ڏٺي، آئون ۽ منهنجا ساٿي ۽ حڪومت سک سان نه ويهند??سي?? ۽ نه ئي سياست ڪند??سي??، صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪند??سي??، گلگت بلتستان سميت سڀني کي هڪ ڪانفرنس ۾ دعوت ڏني، اسان ٻيهر انهن کي دعوت ڏيند??سي??، اهي ??يندا ته اسان کي خوشي ٿيندي، اسان گڏجي ڪم ڪند??سي??، هي قوم کي سياست کان مٿانهون ان صورتحال مان ڪڍڻ جو وقت آهي. هن چيو ته ٻوڏ سان جن جي گهرن کي نقصان پهتو آهي، انهن جي لاءِ 25 هزار رپيا روڪ رقم ڏني پئي وڃي، فصلن، گهرن جو معاوضو ان کانسواءِ آهي، وفاقي حڪومت پاران انهن کي رقم ورهائڻ شروع ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته متاثرين کي گذارش آهي ??ه اهي ??بر سان ڪم وٺن، آخري متاثر شخص جي بحالي تائين اسان ت??ها?? سان گڏ بيٺل آهيون، اسان ت??ها?? جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن خاندان جي 8 ماڻهن جي پونئيرن کي مخاطب ڪندي چيو ته انهن جي خاندان جي لاءِ ان کان وڏي ڏک جي ڪهڙي ڳالهه هوندي پر اهو الله جو حڪم آهي، انبياءَ جا پيارا به انهن کان وڇڙي ويا، هن خاندان کي سهارو ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي، هتان جي مقامي ماڻهن کي انهن جي ڇت بڻجڻو آهي. هن غذر ۾ فوري طور تي 5 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جو اعلان ڪيو، وفاق ان جا خرچ برداشت ڪندو. وزيراعظم ان ڳوٺ جي تعمير لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي خصوصي گرانٽ جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، مسلم ليگ (ن) جو صوبائي صدر حافظ حفيظ الرحمان، امجد ايڊووڪيٽ سميت ٻيا پڻ موجود هئا.
برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر