اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ڪئناڊا جي عا??مي ترقي واري وزير هرجيت سجن جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڪي??يڊين وزير ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجي گهري همدردي جو اظهار ڪي?? ۽ جلد کان جلد بحالي ۽ نئين سر تعمير جي اميد ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر نازڪ وقت ۾ ڪي??يڊين وزير جي پاڪستان جي دوري کي ساراهيندي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار ت?? وفد جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. هن تب??هي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تب??هي جو ذڪر ڪي?? جنهن 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪي??، بنيادي ڍا??چي کي تباهه ڪي?? ۽ 4 ملين ايڪڙ فصلون لُڙهي ويون. هن چيو ته ان آفت جا پاڪستان ۾ غذائي تحفظ، صحت ۽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا منفي اثر پوندا. مملڪتي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان عا??مي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود موسمياتي بحران جو شڪار آهي. هن موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عا??مي برادري پاران متحد ۽ فيصلائتي ڪارروائي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. مملڪتي وزير چيو ته جيتوڻيڪ حڪومت بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن ۾ مصروف آهي، نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ عا??مي برادري پاران وسيلن جي موثر متحرڪ ۽ ڊگهي مدي واري عزم جي ضرورت هوندي. پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي ترقياتي منصوبن عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪي?? آهي. هن موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تعاون جي خواهش جو اظهار ڪي??. ڪي??يڊين وزير چيو ته ڪئناڊا ٻوڏ کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ موسمياتي لچڪدار ڍا??چي جي تعمير لاءِ ڪوششن ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ پرعزم آهي. هو ٻوڏ سبب ٿيندڙ تب??هي جي سطح جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪئناڊا جي هڪ وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. وفد ۾ ڪي??يڊين پارليامينٽ جا ٽي پاڪستاني ڄاوا ميمبر اقرا خالد، سلميٰ زاهد ۽ شفقت علي پڻ شامل هئا.
حنا رباني کر سان ڪئناڊا جي عالمي ترقي واري وزير جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات