اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تب??يلين جو سبب بڻجندڙ ملڪ پاڪستان سان ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ سبب بي گهر ڪروڙين متاثرين جي ترجماني ڪئي آهي، ڪابينا جا ميمبر ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڀرپور قدم کڻن، قوم کي جلد معلوم ٿي ويندو ته ??ير ٻوڏ متاثرين جي خدمت ۽ ??ير سياست ڪري رهيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته موسمياتي تب??يلين جي ڪري ايندڙ تازي ٻوڏ ۾ وڏي پئماني تي تب??هي ٿي آهي جڏهن ته عالمي سطح تي موسمياتي تب??يلين ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار نه آ??ي، عالمي برادري کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري پاڪستان جي دوري جي موقعي تي اسان جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي، ڪنهن به ذميوار عهدو رکندڙ شخص ان کان اڳ اهڙي قسم جون ڳالهيون نه ڪيون، لاڙڪاڻي ۾ سيڪريٽري جنرل اسان جي ڪروڙين ماڻهن جو ترجمان بڻيو ۽ چيو ته خالي همدردي ۽ يڪجهتي جون ڳالهيون ڪافي نه آ??ن، عملي طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان سان جيڪا ناانصافي ٿي آهي ان جو ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهم عهدي تي رهندڙ شخص پاران اهڙيون ڳالهيون قابل غور آهن، هن ڏکويل انسانيت ۽ پيڙهيل عوام جي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ڪابينا جا ميمبر پنهنجي ڪم سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پڻ ڪم ڪن جيڪو به ڪم ڪن جيڪو به ان خير جي ??م ۾ حصو وجهي رهيو آهي ا?? کي پنهنجي ۽ ميمبرن پاران سلام پيش ڪريان ٿو ۽ جيڪي ان خير جي ??م ۾ پنهنجو حصو نه وجهي رهيا آهن انه?? کي گذارش آهي ته اهي اڳتي وڌي ان ۾ حصو وجهن. هن چيو ته قوم کي چڱي ريت اها ڄاڻ ٿي چڪي آهي ته ??ير انهن جي ڏک درد ۾ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل آهي ۽ ??ير سير سپاٽا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ ٻن هفتن کانپوءِ پاڻي لهڻ کانپوءِ اميد آهي ته ماڻهو پنهنجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ٿي ويندا، سرندي وارن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف ماڻه?? کي خبر آهي ته هن وقت ملڪ جي صورتحال ڪهڙي آهي. هن چيو ته ڪابينا جي ميمبرن پاران ڪوششن تي انهن جا ٿورا مڃان ٿو پر انه?? کي گذارش آهي ته اهي وڌيڪ پنهنجو حصو وجهن، هي ڪم مشڪل ضرور آهي پر ان جو اجر به ملندو جيڪي ماڻهو ٻوڏ تي سياست ڪري رهيا آهن انهن کان عوام چڱي ريت آگاهه آ??ي، وقت ايندو ته عوام انهن کان ان جو حساب وٺندي ۽ جيڪو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ا?? کي شاباس به ڏيندي.
موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ ملڪ پاڪستان سان ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری