سرگوڌا – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به اڄ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. ڊويزنل انتظاميا جي اهتمام هيٺ ??يم??نار آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس ه??ل ۾ ٿيندو جنهن جي صدارت ڪمشنر مريم خان ڪند??. س??مينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) نديم ناصر کانسواءِ سرڪاري ادارن جي آفيسرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين، امن ڪميٽي جي ميمبرن سميت زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن ??ي گهرايو ويو آه??. س??مينا?? جي پڄاڻي تي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشن?? جي قيادت ۾ جي پي او چوڪ تائين احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي ويندي. ان ڏس ۾ سرگوڌا آرٽس ڪائونسل جي ه??ل ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي عڪاسي جي لاءِ تصويري نمائش پڻ لڳائي ويندي. ڏينهن جي شروعات صبح جو مسجدن ۾ ڪشميري شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ۽ ڪشمي?? جي آزادي جي لاءِ دعائن سان ٿيند??. س??شل ميڊيا، ڪيبل نيٽ ورڪ ۽ مقامي چينلز کانسواءِ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان وڊيوز ۽ دستاويزي فلمون پڻ نشر ڪيون وينديون ۽ عوام ۾ ڪاري ڏينهن ??ي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پمفليٽ پڻ ورهايا ويندا.
ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2