اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) پاران ملازمه کي رهائشي ڪوارٽر جي الاٽمينٽ ۾ صنفي امتياز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي محتسب جي حڪ??ن جي خلاف سي ڊي اي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر چيو ته معاشري ۾ عورتن سان امتيازي سلوڪ رکي پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سي ڊي اي پاران هڪ جهڙي ڪم تي مرد کي ??هر ڏيڻ ۽ عورت کي ??هر ن?? ڏيڻ جو موقف افسوسناڪ آهي، مرد کي ??هر الاٽ ڪرڻ جڏهن ته عورت کي الاٽ نه ڪرڻ انتهائي امتيازي سلوڪ آهي. هن سي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته هو صنفي امتياز کي فروغ ڏيندڙ پنهنجي ??انونن کي بهتر بڻائي، صنفي امتياز پاڪستان جي بانين، اسلام جي ??نصفاڻي طرزعمل ۽ آئين جي روح جي خلاف آهي، سي ڊي اي وفاقي محتسب جي حڪمن تي عمل ڪري ۽ عورت جي شڪايت جو ازالو ڪيو وڃي. صدر ملازمه کي ڪوارٽر الاٽ ڪرڻ جو وفاقي محتسب جو حڪم برقرار رکندي چيو ته سي ڊي اي ملازمه (ڌوٻڻ) سان امتيازي سلوڪ ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيڪڏهن ضرورت هجي ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ مجاز اٿارٽي/ فورم کان منظوري ورتي وڃي. تفصيل موجب سي ڊي اي پاران رڳو مرد ڌوٻين کي رهائشي ڪوارٽرز الاٽ ڪيا پئي ويا. شهناز بيگم (شڪايت ڪندڙ) جو مرحوم گهروارو سي ڊي اي سان واڳيل ڌوٻي هو، مرحوم مڙس ڌوٻي ڪوارٽر جي الاٽمينٽ جي ??اءِ سي ڊي اي کي درخواست ڏني هئ??، گهرواري جي ??اڏاڻي کانپوءِ بيواهه سي ڊي اي ۾ ڌوٻڻ جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي، عورت سي ڊي اي کي ڪوارٽر الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي جڏهن ته سي ڊي اي ڪوارٽر سنيارٽي لسٽ ۾ موجود جونيئر ٻئي ملازم کي ڏئي ڇڏيو جنهن تي عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن سي ڊي اي جي امتيازي سلوڪ کي بدانتظامي قرار ڏنو. وفاقي محتسب عورت کي ??هر جو الاٽمينٽ آرڊر جاري ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن ۾ تعميل جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي ??دايت ڪئي هئ?? جڏهن ته ان جي ابتڙ سي ڊي اي محتسب جي حڪ??ن جي خلاف صدر کي درخواست ڪئي. سي ڊي اي موقف اختيار ڪيو ته شروع کان ئي اها رهائش سي ڊي جي ??رد ملازمن (ڌوٻين) کي الاٽ ڪئي ويندي آهي، رهائش ڪڏهن ڪنهن عورت (ڌوٻڻ) کي الاٽ نه ڪئي وئي، سي ڊي اي جو چوڻ آهي ته ڌوٻي جي تعريف هڪ بالغ مرد ڪم ڪندڙ ڌوٻي طور ڪئي وئي آهي، ڌوٻي جي رشتيدارن جو مطلب رت جا رشتا يعني پيءَ، ڀاءُ ۽ پٽ آهن، رڪارڊ جو جائزو وٺڻ تي خبر پئي ته سي ڊي اي سال 2000ع ۾ هڪ ڌوٻڻ کي هڪ ڪوارٽر جي الاٽمينٽ ڪئي هئ??. صدر حقيقتن ۽ امتيازي سلوڪ جي بنياد تي سي ڊي اي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.
صدر پاران سي ڊي اي پاران ملازمه کي رهائشي ڪوارٽر جي الاٽمينٽ ۾ صنفي امتياز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، وفاقي محتسب جي حڪمن خلاف سي ڊي اي جي درخواست رد
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان