اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تورغر – ??ون??ر رستي، ??ون??ر – ڪراڪڙ رابطا سرنگهه ۽ تورغر – ??ون??ر آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخو??هه جي ضلعي تورغر جو دورو ڪيو. وزيراعظم کي ضلعي تورغر ۾ مختلف ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم تورغر – ??ون??ر رستي، ??ون??ر – ڪراڪڙ رابطا سرنگهه ۽ تورغر – ??ون??ر آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ ان موقعي تي مقامي قبائلي اڳواڻن ۽ صلاحڪارن ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. اڳواڻن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ضلعي تورغر ۾ روڊ، پلين ۽ ٻين منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ سان ضلعي تورغر ۾ ترقي جو ن??ون دور شروع ٿيندو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي دور ۾ هتي تاريخي منصوبا شروع ڪيا. گذريل حڪومت انهن منصوبن کي سردخاني ۾ وجهي ڇڏيو. نواز شريف جي منصوبن کي اڳتي وڌايو ويندو. بجيٽ ۾ انهن منصوبن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي. وفاقي حڪومت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ منصوبي جي معاونت ڪندي. وزيراعظم کي ??ون??ر ۾ به مختلف ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته ??ون??ر ۽ تورغر جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ۽ انهن کي ترجيحي بن??اد?? تي مڪمل ڪيو وڃي. انهن منصوبن تي ڏينهن رات ڪم ڪيو وڃي ۽ معيار ۽ شفافيت تي ڪو به ٺ??هه نه ڪيو وڃي.
وزيراعظم تورغر – بونير رستي، بونير – ڪراڪڙ رابطا سرنگهه ۽ تورغر – بونير آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل