اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومن?? فنڊ ۽ قومي نصاب ۾ سڌارن جي شروعات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم پاڪستان جڏهن خادم اعليٰ پنجاب هو، تڏهن هن پنجاب ايجوڪيشن انڊوومن?? فنڊ جو بنياد رکيو هو، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ هن پاڪستان انڊوومن?? فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هلندڙ سال ان فنڊ مان 12 هزار باصلاحيت ۽ مستحق شاگرد ۽ شاگردياڻيو?? فائدو کڻندا جنهن ۾ 50 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ رکي وئي آهي. ايندڙ چار سالن ۾ ان فنڊ مان 10 ارب رپين جا وظيفا ميرٽ تي ڏنا ويندا. وزيراعظم اڄ قومي نصاب ۾ پاڪستان جي آئين ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ جي شموليت جي پڻ شروعات ڪندو. ان ??ان نه رڳو پاڪستان جي نئين نسل آئين ۾ ڏنل پنهنجي بنيادي حقن بابت آگاهه ٿيندي پر ان ??ان گڏوگڏ ڪوڊنگ جهڙي جديد هنر حاصل ڪرڻ ??ان عالمي سطح تي افرادي قوت جي مقابلي ۾ روزگار جا بهتر موقعا حاصل ڪري سگهندي. ا?? موقعي تي وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.
وزيراعظم پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ ۽ قومي نصاب ۾ سڌارن جي شروعات ڪندو
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث