اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري آفيسرن تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ گڊ گورننس جي فروغ ۽ ماڻهن کي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ج?? لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا مان آيل سرڪاري آفيسرن تي ٻڌل مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر بيوروڪريسي پاران خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته بيوروڪريسي ملڪي ترقي ۽ عوام جي ڀلائ?? لاءِ محنت ۽ اخلاص سان ڪم ڪري، ملڪي ترقي ۽ ماڻهن کي انصاف جي فراهم?? لاءِ سرڪاري عملدارن کي ??قت سر فيصلا وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي بهتر اخلاق ۽ انڪساري جي قدرن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستاني بيوروڪريسي کي ??ظام بهتر بڻائڻ ۽ فڪري صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ موثر فيصلاسازي ج?? لاءِ آفيسر پاڻ کي جديد مهارتن سان ليس ڪن جڏهن ته عوام جي خدمتن تائين پهچ بهتر بڻائڻ ۽ ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ ج?? لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کنيو وڃي. صدر چيو ته سرڪاري عملدار پاڻ کي ??نهنجي شعبي جي جديد مهارتن سان ليس ڪن ۽ تيز رفتار ترقي ج?? لاءِ ماڻهن جي اميدن موجب خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائين.
بيوروڪريسي ملڪ ۾ گڊ گورننس جي فروغ ۽ ماڻهن کي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ