اسلام آ??اد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي نگراني جي لاءِ جديد مانيٽرنگ سافٽ ويئر تي ٻڌل پهرين سينٽ??ل مانيٽرنگ سسٽم جي شروعات ۽ افتتاح تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت سان هلندڙ جديد مانيٽرنگ سافٽ ويئر (ACTUS DIGITAL (Logger Content Digital) تي ٻڌل نئين ۽ پهرين سينٽ??ل مانيٽرنگ سسٽم جي شروعات ۽ افتتاح ڪندي خوشي ٿي. اطلاعات واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (DEMP) ۾ موجود اها سي ايم ايس مشين لرننگ، زبان جي سڃاڻپ ۽ ڊيٽا ريسرچ جي صلاحيت رکندڙ آهي. اهو ميڊيا جي فوري ۽ درست نگراني ۽ معلومات گڏ ڪري سگهي ٿو جيڪو تيزترين ۽ باخبر حڪومتي فيصلاسازي جي لاءِ مددگار هوندو. سينٽ??ل مانيٽرنگ سسٽم انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي شاگردن جي لاءِ پڻ دستياب هوندو. ان نظام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي اطلاعات واري وزارت جي ٽيم ??ي مبارڪ??اد پيش ڪريان ٿي.
اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي نگراني جي لاءِ جديد مانيٽرنگ سافٽ ويئر تي ٻڌل پهرين سينٽرل مانيٽرنگ سسٽم جي افتتاح تي خوشي ٿي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ