اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ملڪ جي 10 کان 12 سيڪڙو آبادي کي مختلف قسم جون معذوريون درپيش آه?? ۽ اها سرڪاري ۽ نجي شعبن جي ذميواري آه?? ته اهي اهڙن ??اڻهن کي انهن جي مهارت ۽ قابليت موجب نوڪريون ڏين ته جيئن انهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ منعقد معذورين جي درجابندي جي فريم ورڪ تي فالو اپ ميٽنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت، خصوصي ماڻهن جي حقن واري ڪائونسل (سي آر پي ڊي)، نادرا، نيوٽيڪ، چئني صو??ائ?? حڪومتن، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نمائندن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندي شرڪت ڪئي. انساني حقن واري وزارت اجلاس کي معذوري جي روزگار جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ٻڌايو ويو ته وزارت خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جي ڪوٽا کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ سرڪاري ادارن سان سرگرم عمل آه??. وزارت ان ڳالهه تي روشني وڌي ته مارچ 2023ع کانپوءِ 98 سيڪڙو خصوصي ماڻهن (ڊي اي پي) کي سرڪاري ادارن نوڪريون فراهم ڪيون آه??. وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته ممڪن اجرتن جي هڪ ماسٽر لسٽ تيار ڪئي پئي وڃي ته جيئن خصوصي ماڻهن کي نوڪريون فراهم ڪرڻ ۾ ان جو تعاون حاصل ڪري سگهجي. نيوٽيڪ ميٽنگ کي ٻڌايو ته 1500 خصوصي ماڻهن کي نوڪرين جي لاءِ تربيت ڏني وئي آه??. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت خصوصي ماڻهن رڳو بي پي ايس 1 کان 15 تائين نوڪرين جي ڪوٽا حاصل ڪئي آه?? جڏهن ته گزيٽڊ عهدن جي لاءِ انهن جي لاءِ ڪا مخصوص ڪوٽا ناهي رکي وئي. صدر گزيٽڊ نوڪرين ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪ??ڻ جي لاءِ ڀرتي جي موجوده قانونن ۾ ترميم ڪ??ڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن خصوصي ماڻهن کي هنر تي ٻڌل تعليم فراهم ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن انهن جي لاءِ روزگار ۾ اضافو ٿئي ۽ مرڪزي ڌارا جي اقتصادي سرگرمين ۾ انهن جي فعال شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر وفاقي ۽ صو??ائ?? سطحن تي خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن بابت مسئلن کي حل ڪ??ڻ جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. هن نيوٽيڪ پاران 1500 خصوصي ماڻهن کي تربيت ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪ??ڻ جي لاءِ انساني حقن واري وزارت جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. صو??ائ?? حڪومتن جي آفيسرن اجلاس کي خصوصي ماڻهن جي سهولت ۽ تربيت جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. بعد ۾ تانگ چائنيز انٽرنيشنل ا??جوڪيشن اينڊ ٽيڪنالاجي (پرائيويٽ) لميٽيڊ جي ڊائريڪٽر ۽ سي اي او سونگ جيان ينگ جي قيادت ۾ هڪ وفد ايوان صدر ۾ صدر سان ملاقات ڪئي. هن پاڪستاني نوجوانن جي لاءِ فني ۽ هنرمند تعليم تي پريزنٽيشن ڏني. سي اي او ٻڌايو ته تانگ چائنيز انٽرنيشنل ا??جوڪيشن اينڊ ٽيڪنالاجي (پرائيويٽ) لميٽيڊ 150 پاڪستانين کي جديد هنرمند تعليم حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ چين موڪليو آه??. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندن ادارو وڌيڪ پاڪستاني نوجوانن کي اسڪالرشپ جي بنياد تي چين موڪليندو ته جيئن اهي جديد هنرمند تعليم حاصل ڪري سگهن. صدر پاڪستاني نوجوانن کي هنرمند تعليم فراهم ڪ??ڻ جي لاءِ تنظيم جي خدمتن کي ساراهيو.
سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری