اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيگناهه فلسطينين جي خلاف طاقت جي وحشياڻي استعمال جي مذمت ڪندي گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ فلسطينين جي لاءِ ا??سا??ي همدرديءَ جي بنياد تي لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو ??هي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ??هي ته اها غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪري. هن چيو ته پاڪستان کي فلسطيني ??هرين جي خلاف اسرائيلي جارحيت تي شديد ڳڻتي ??هي جنهن ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت هزارين ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان يروشلم سميت سمورن والاريل عرب علائقن مان اسرائيل جي مڪمل انخلا سان گڏوگڏ فلسطينين جي لاءِ هڪ آزاد ملڪ قائم ڪرڻ جو حامي ??هي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف جي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سفارتي سندون پيش ڪرڻ واري تقريب دوران ڪيو. اردن جي نامزد سفير ڊاڪٽر مين اي ايم خرياسات، هولي سي جي نامزد سفير آرچ بشپ جرمنو پينيموٽ اپوسٽولڪ نونسيو، جمهوريه چيڪ جي نامزد سفير لاڊيسيلا وسٽين هوبل، برونائي دارالسلام جي نامزد هاءِ ڪمشنر ڪرنل (ر) پنگيرن حاجي ڪمال باشا ۽ پاڪستان ۾ قطر جي نامزد سفير علي مبارڪ الخاطر صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي پنهنجي سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ بعد ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان فلسطين جي صورتحال تي گهري نظر رکي ??هي ۽ فلسطيني ??وام جي ناقابل تنسيخ حقن جي بحالي چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان فلسطين ڪاز جي مسلسل حمايت ڪئي ??هي ۽ خطي ۾ پائيدار امن کي يقيني ??ڻائڻ جي لاءِ سمورن عرب اسرائيل تڪرارن جو ٺوس حل چاهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي آهي، جنهن پاڪستان جي آءِ ٽي، ڪارپوريٽ فارمنگ، معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو جي سهولت فراهم ڪئي آهي. صدر ڀارت پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??سا??ي حقن جي سنگين خلاف ورزين کي پڻ اجاگر ڪيو. صدر سفيرن کي انهن جي نئين ذميوارين تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان سان پنهنجي پنهنجي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندا.
صدر پاران بيگناهه فلسطينين جي خلاف طاقت جي وحشياڻي استعمال جي مذمت
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔