ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پختي عزم جو ورج??ءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جهڙا اعتماد جوڳا ??صي??ار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ٽيليفون ڪئي جنهن ۾ پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ جار?? ڪوششن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم هن وقت گڏيل عرب امارات جي سرڪ??ري دوري تي آهي. ٽيليفون ڪال دوران نگران وزيراعظم ۽ بل گيٽس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيل پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان کي پوليو کان محفوظ ملڪ بڻائڻ جي حڪومت ج?? ڪوششن ۾ گيٽس فائونڊيشن جي تعاون کي ساراهيو. هن ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورج??ءُ ڪيو. ان سلسلي ۾ نگران وزيراعظم بل گيٽس کي سڄي پاڪستان ۾ ج??ري پوليو ويڪسينيشن مهم بابت آگاهه ڪيو. وڌيڪ اهو ته غذائي کوٽ جي مسئلن ۽ م??ءُ ۽ ٻار جي صحت جي موضوعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم حڪومت ۽ بي ايم جي ايف جي وچ ۾ بهترين تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بي ايم جي ايف جهڙا اعتماد جوڳا ??صي??ار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.
حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي لاءِ پرعزم آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina