اسلام آباد ??? 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ??يڪشن سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل عرب امارات ۾ آهي، نگران و??يراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ??يڪشن سمٽ کي خطاب ۾ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته دبئي ۾ نگران و??يراعظم جي ايجنڊا ۾ سربراهي اجلاس ۾ اعليٰ سطحي شرڪت ۽ سائيڊ لائين?? تي ٻطرفيون ملاقاتون شامل آهن. هو ڇنڇر ڏينهن سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندو جتي هو موسمياتي تبديلي لاءِ پاڪستان جو ويزن پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ ۾ ڪيل واعدن جي وڪالت ڪندو. ترجمان چيو ته نگران و??يراعظم موسمياتي ريزيليئنس جي لاءِ برابري ۽ عالمي تعاون تي به زور ڏيندو. ترجمان چيو ته ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان جو مقصد لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي بحال ڪرڻ جي لاءِ گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ سان هڪ بامعنيٰ نتيجاخيز ۽ موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر گڏ ڪرڻ جي ڊگهي مدي واري هدف کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن سان تعاون ڪرڻو آهي. هن چيو ته عالمي موسمياتي سربراهي اجلاس جي لاءِ دبئي وڃڻ کان اڳ نگران و??يراعظم 26 – 28 نومبر تي گڏيل عرب امارات ۽ 28 – 29 نومبر تي ڪويت جو دورو ڪيو. نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال ۽ انساني همدرديءَ جي صورتحال تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪوپ – 28 جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي صدارت لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ به ڪيو. ڌرين توانائي، پورٽ آپريشن پراجيڪٽس، ڪچري جي صفائي، پاڻي جي صفائي، خوراڪ جي حفاظت، لاجسٽڪس معدنيات، بئنڪنگ ۽ مالياتي خدمتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون بابت ڪيترين ئي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ کي خطاب ۾ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی