اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اَپاسٽِل آرڊيننس 2024ع جاري ڪري ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد غيرملڪي عوامي دستا??يز?? جي لاءِ قانوني تصديق جي پابندي خت?? ڪرڻ آهي. اهو آرڊيننس پ??ڪستان ۾ شهرين، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ جاري ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اَپاسٽِل آرڊيننس نگران وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 (1) تحت جاري ڪيو آهي. ان جو مقصد غيرملڪي عوامي دستا??يز?? بابت 1961ع جي هيگ ڪنوينشن تحت پاڪستان جون ذميواريون پوريون ڪرڻ آهي. ڪنوينشن ٻاهرئين ملڪ عوامي دستا??يز?? جي استعمال لاءِ قانوني تصديق/ توثيق ۾ ڇوٽ فراه?? ڪري ٿو. وفاقي ڪابينا مارچ 2022ع ۾ اَپاسٽِل ڪنوينشن سان پاڪستان جي الحاق جي منظوري ڏني هئي. اپاسٽل ڪنوينشن مارچ 2023ع کان پاڪستان جي لاءِ لاڳو ٿيو هو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر