اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) ملڪ ۾ (اڄ) ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ملڪ جا چار اڳواڻا وزيراعظم، هڪ ا??وڻ?? صدر سميت اهم شخصيتون ۽ پ??رٽي اڳواڻ حصو وٺي رهيا آهن. مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف ۽ صدر شهباز شريف لاهور، پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور، لاڙڪاڻي ۽ شهدادڪوٽ، جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ڊيرا اسماعيل خان ۽ پ??ين تان اميدوار آهن. تفصيل موجب جماعت اسلامي جي امير سراج الحق قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 6 لوئر دير-1، (ن) ليگ جي ا??وڻ?? وزيراعظم محمد نواز شريف اين اي 15 مانسهره ۽ اين اي 130 لاهور، شهباز شريف قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 123 لاهور ۽ اين اي 132 قصور، ا??وڻ?? وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني اين اي 148 ملتان، ا??وڻ?? صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 207 شهيد بينظير آباد، ا??وڻ?? وزيراعظم ۽ـ قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 52 گوجر خان، استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان اين اي 117 لاهور، جڏهن ته جهانگير خان ترين اين اي 149 ملتان ۽ـ اين اي 154 لوڌران، مسلم ليگ (ف) جي سربراهه پير صدر الدين شاهه راشدي قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 203 خيرپور، عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد اين اي 56، پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ اين اي 33 نوشهره، قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب احمد خان شير پائو اين اي 24 چارسده، ا??وڻ?? اسپيڪر اسد قيصر اين اي 19 صوابي، مسلم ليگ (ض) جو سربراهه اعجاز الحق اين اي 163 بهاولنگر، جمهوري وطن پارٽي جي سربراهه شاهه زين بگٽي اين اي 253 ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر ايمل ولي خان اين اي 25 چارسده-2، جڏهن ته ٻين اميدوارن ۾ گوهر علي خان اين اي 10 بونير، ڪي پي ڪي جو ا??وڻ?? گورنر سردار مهتاب احمد خان اين اي 16 ايبٽ آباد، مسلم ليگ (ن) ڪي پي ڪي جو صدر امير مقام اين اي 2 سوات ۽ اين اي 11 شانگله، ا??وڻ?? گهرو وزير چوڌري نثار علي خان اين اي 53 ۽ اين اي 54 راولپنڊي، مسلم ليگ (ق) جو اڳواڻ چوڌري سالڪ حسين اين اي 64 گجرات، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڪنوينر خالد مقبول صديقي اين اي 248 وچ ڪراچي، بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جو سربراهه اختر جان مينگل تڪ اين 256 خضدار، 261 سهراب ۽ اين اي 264 ڪوئيٽه، پشونخواه ملي عوامي جو سربراهه محمود خان اچڪزئي اين اي 263 ڪوئيٽه ۽ـ اين اي 266 چمن، جماعت اسلامي جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل لياقت بلوچ اين اي 128 لاهور، ا??وڻ?? بچاءَ وارو وزير خواجه محمد آصف اين اي 71 سيالڪوٽ، (ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم اورنگزيب اين اي 119 لاهور، جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان اين اي 246 ۽ اين اي 250 ڪراچي ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو اڳوڻ سعد ??ضوي اين اي 50 اٽڪ مان اميدوار آهن.
عام چونڊن ۾ چئن اڳوڻن وزيراعظمن، هڪ اڳوڻي صدر سميت اهم شخصيتون ۽ پارٽي اڳواڻ اميدوار
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا