اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي تاج??ست??ن جي صدر امام علي رحمان ٽيليفون ڪئي ۽ پا??ست??ن جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ٻنهي صدرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پا??ست??ن ڀائر ملڪ تاج??ست??ن سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن ج?? لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهت?? بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. صدر پاڻي وسيلن جي اهم شعبي ۾ تاج??ست??ن سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري رمضان المبارڪ جو برڪتن وارو مهينو شروع ٿيڻ تي تاجڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. هن تاجڪ صدر کي نوروز جي آمد تي پڻ مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي تاج??ست??ن جي صدر امام علي رحمان صدر آصف علي زرداري کي تاج??ست??ن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. صدر مبارڪباد جي پيغام ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار ت?? پنهنجي تاجڪ هم منصب جا ٿورا مڃيا.
صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي ٽيليفون، صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد، تاجڪستان جي دوري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری