اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سيمي ڪنڊڪٽر ٽيڪنالاجي تي ڌيان ??يڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??اڪستان ۾ سيمي ڪنڊڪٽر ان??سٽري جي لاءِ وڏي صلاحيت موجود آهي، ملڪ وٽ ڀرپور قدرتي وسيلا، نوجوان، هنرمند افرادي قوت ۽ اهم جاگرافيائي بيهڪ آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ۽ ان??سٽري جي ترقي ۾ مدد جي لاءِ ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سيمي ڪنڊڪٽر ان??سٽري ۾ تعاون سان ملڪ کي عالمي معيشت سان ??نڍي سگهجي ٿ??. ا??ا ڳالهه هن مقامي هوٽل ۾ سيمي ڪنڊڪٽر سمٽ 2024ع کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي، اسان ملڪ ۾ ڪاروباري آسانين ۽ جدت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان ۾ ڀرپور قدرتي وسيلا موجود آهن، اسان دنيا جي پنجين وڏي جمهوريت آهيون ۽ دنيا کي ٻڌائڻ جي لاءِ اسان وٽ هڪ بهترين اسٽوري موجود آهي. هن چيو ته انساني وسيلا اسان جو سڀ کان وڏو سرمايو آهن، اسان جي ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، دنيا ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ تي اسان ??ي تمام گهڻو فخر آهي، پاڪستان دنيا جي سنگم تي موجود آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي. هن چيو ته سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪستان ۾ هر سال 50 هزار انجنيئرنگ گريجوئيٽس تيار ٿين ٿا، اسان وٽ دنيا جون بهترين انجنيئرنگ يونيورسٽيون آهن ۽ اسان جي انجنيئرنگ گريجوئيٽس کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو وڃي ٿو پر بدقسمتي سان اسان سيمي ڪنڊڪٽر ان??سٽري مان فائدو نه کڻي سگهياسين. سيمي ڪنڊڪٽر ان??سٽري هن وقت 550 ارب ڊالر جي صنعت آهي جيڪا 2030ع تائين هڪ ٽريلين ڊالر تائين پهچڻ جي اڳڪٿي آهي. هن چيو ته ??زيراعظم شهباز شريف پيشيواراڻي تربيت ۽ هنرمندي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اسان ??ي ووڪيشنل ٽريننگ تي ڌيان ??يڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??و هن سمٽ جي انعقاد ۽ عوامي ۽ نجي شعبي کي گڏ ڪرڻ تي منتظمين جو دل سان ٿورائتو آهي. هن چيو ته توهان ٺوس تجويزن سان ??ڏوگڏ قابل عمل حل پڻ تجويز ڪريو، توهان اسان ??ي انهن ڪوششن ۾ پاڻ کان هڪ قدم اڳتي ڏسندا. وفاقي وزير چيو ته چپ ڊيزائننگ کان وٺي اسڪل ڊيولپمينٽ تائين ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسان وٽ اسڪل ڊيولپمينٽ سان ??ڏوگڏ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ ۾ مهارت موجود آهي. هن چيو ته تحقيق ۽ ترقي هڪ اهم شعبو آهي، توهان سيمي ڪنڊڪٽر جي شعبي ۾ ڪيترائي ڏهاڪا گذاريا آهن، توهان اسان جي رهنمائي ڪريو ته ڪهڙي طرح ان شعبي ۾ اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا. هن چيو ته ان شعبي ۾ تعاون سان ملڪ کي عالمي معيشت سان ??نڍي سگهجي ٿو. اسان ??ي سيمي ڪنڊڪٽر ٽيڪنالاجي تي ڌيان ??يڻ جي ضرورت آهي جنهن سان اسان جي معيشت کي وڏي پئماني تي مدد ملندي. هن چيو ته حڪومت جي ايندي ئي ڪجهه ڏينهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان وفدن جو اچڻ شروع ٿي ويو آهي، تازو ئي سعودي عرب جي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو، ايندڙ هفتي ايران جي صدر جي آمد متوقع آهي. ان ??انسواءِ بلومبرگ جهڙا عالمي رسالا پڻ چئي رهيا آهن ته ??لڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي ريسرچ ايينڊ اسڪل ڊيولپمينٽ جي حوالي سان ٺوس تجويزون ڏ??ن، حڪومت نه رڳو وسيلا مهيا ڪندي پر ان سلسلي ۾ ڀرپور تعاون پڻ فراهم ڪندي.
پاڪستان ۾ سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري جي لاءِ وڏي صلاحيت موجود آهي، سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري ۾ تعاون سان ملڪ کي عالمي معيشت سان ڳنڍي سگهجي ٿو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق