اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي و??ير خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، امين الحق، جاويد حنيف ۽ عبدالحفيظ شامل هئا. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي و??ير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الل?? پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اه?? اتحادي پارٽي آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان شهر جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ملاقات ۾ مالي سال 25 – 2024ع جي وفاقي بجيٽ تي پڻ مشاورت ٿي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وفاقي بجيٽ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم متحده قومي موومينٽ پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم پاران ايم ڪيو ايم جي بجيٽ تجويزن جي آجيان، ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل