اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ??ان قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو جمعي ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي م??ام??ن ۽ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم ۽ انوويش?? جي حوالي ??ان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير کي قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي حوالي ??ان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو چيو ته پاڪستاني ڪمپنيون قطر ۾ پنهنجون آفيسون قائم ڪن، پاڪستاني ڪمپني?? جي قطر ۾ موجودگي وچ اوڀر جي مارڪيٽ تائين بهتر رسائي ۾ مددگار ٿيندي. چاهيون ٿا ته پاڪستاني انٽر پرينيورز قطر ۾ اچي فائونڊيشنل ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪن. آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه چيو ته موجوده حڪومت انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو ڌيان نوجوان?? جي جديد ٽيڪنالاجي ۾ ٽريننگ ۽ انه?? جي صلاحيت وڌائڻ تي آهي. ا??ان جا نوجوان وڌيڪ صلاحيتن وارا آهن، پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ اسٽارٽ اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪري سگهجي ٿو، ان حوالي ??ان اگنائٽ ۽ قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اهو اهم آهي ته قطر ۾ پاڪستاني شاگردن کي قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪرايو وڃي. پاڪستان ۽ قطر ٽيڪنالاجي جي مي??ان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ آءِ ٽي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عائشه حميرا مورياڻي به موجود هئي.
آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه سان قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب