لاهور -05 آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چي?? آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کي والاريل ڄمون ڪشمير کي دنيا جي کليل جيل ۾ تبديل ڪري ظلم ۽ ڏاڍ جو نئون مثال قائم ڪيو. يوم استحصال ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ چي?? ته والاريل ڪشمير جي هر شهيد، هر مظلوم کي سلام ڪيان ٿي. هن چي?? ته دنيا ڪيستائين اکيون بند ڪري ويٺي رهندي، ڪيستائين ڪشميري ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ٿيندا رهند??، ڀارت جي غيرقانوني ۽ ظالماڻي قبضي خلاف ڪشميرين جون لازوال قربانيون ضرور رنگ لائينديون. هن چي?? ته پاڪستان دنيا جي ايوانن ۾ ڪشميرين جو آواز اٿاريندو رهندو، ڪشمير مسئلي جي پرامن حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي. مريم نواز شريف چي?? ته هر پاڪستان جي دل ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪي ٿي، ڪشميرين سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين.
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná