اسل??م آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ ا??تش??ر جي سرغني آخرڪار 9 مئي جي واقعي ۾ سهولتڪاري ۽ منصوبابندي جي جرم جو اعتراف ڪري ورتو، ان شرپسند ا??تش??ري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گه??ج آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست سدائين تشدد ۽ شرپسندي جي ذريعي رياست کي نقصان پهچائڻ جي چوڌاري گهمندي رهي آهي. هن ??دائين لاشن تي سياست ڪئي، 9 مئي تي 200 کان وڌيڪ فوجي ٺڪاڻن ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملا ڪيا، ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران عمران نيازي جي خاندان جا ماڻهو موجود هئا جيڪي حملن جون هدايتون ڏيندا رهيا. هن چيو ته زمان پارڪ دهشتگردن جو تربيتي هيڊڪوارٽر بڻيل رهيو جتي پيٽرول بم تيار ڪيا ويندا ۽ سياست تي حملي جي تربيت ڏني ويندي رهي. وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ، ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرائڻ، سائفر ڦڙڪائڻ جي سازش کان وٺي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، هن هر اهو ڪم ڪيو جيڪو ملڪ دشمن به نه ڪري سگهيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ان شرپسند، ا??تش??ري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گه??ج آهي.
تحريڪ انتشار جي سرغني آخرڪار 9 مئي جي واقعي ۾ سهولتڪاري ۽ منصوبابندي جي جرم جو اعتراف ڪري ورتو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria