اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ڪابينا جي نجڪ??ري بابت ڪميٽي جو اجلاس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران ج??ري بيان موجب اجلاس ۾ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن بشمول ناڻي و??ري وزير، نجڪ??ري و??ري وزير، واپار و??ري وزير، بجلي و??ري وزير، صنعت ۽ پيداوار و??ري وزير، ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري مملڪتي وزير کانسواءِ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي وفاقي سيڪريٽريز پڻ شرڪت ڪئي. ڪابينا جي نجڪ??ري بابت ڪميٽي جي اجلاس کي نجڪ??ري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 5 (بي) موجب پي سي بورڊ جي سفارشن جي بنياد تي نجڪ??ري و??ري وزارت جي ذريعي مرحليوار نجڪ??ري پروگرام پيش ڪيو ويو. نجڪ??ري پروگرام ۾ واپاري جاءِ ۾ فيڊرل فٽ پرنٽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان کي رڳو اسٽريٽجڪ ۽ ضروري ايس او ايز تائين محدود ڪرڻ شامل آهي. سي سي او پي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته منافعو ڪمائيندڙ ايس او ايز جي پڻ نجڪ??ري تي غور ڪيو ويندو. نجڪ??ري جي پاليسي جي رهنما رخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ سي سي او پي ايس او اي ايڪٽ ۽ پاليسي جي روشني ۾ تفصيل سان مالي سال 2020ع کان 2022ع ۾ فيڊرل فٽ پرنٽ اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز جي جامع رپورٽ ۾ جهلڪندڙ 84 ايس او ايز تي غور ڪيو. سي سي او پي نجڪ??ري پروگرام (29 – 2024ع) جي لاءِ 24 ادارن جي منظوري ڏيندي فيصلو ڪيو ته نجڪ??ري پروگرام ۾ ٻين ايس او ايز کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪابينا جي رياستي ملڪيتي ڪاروب??ري ادارن بابت ڪميٽي پاران اسٽريٽجڪ/ضروري ايس او ايز جي درجابندي جي حوالي سان جائزي جي تڪميل کانپوءِ ڪيو ويندو. جن ادارن کي اسٽريٽجڪ يا ضروري طور تي درجابندي ناهي ڪئي وئي، انهن کي پروگرام ۾ سان جي شموليت بابت فيصلي جي لاءِ سي سي او پي جي سامهون رکيو ويندو. سي سي او پي نجڪ??ري ڪميشن وٽ پيل او جي ڊي سي ايل جي شيئرز کي خودمختيار دولت فنڊ يا توانائي و??ري وزارت (پيٽروليم ڊويزن) کي منتقل ڪرڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو. فيصلو ڪيو ويو ته ان وقت جي لاءِ جمود برقرار رکي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ سي سي او پي مالي سال 25 – 2024ع جي لاءِ ڪميشن جي بجيٽ ڪاٿن جي منظوري ڏني جنهن جي رقم 8169 ملين آهي. چيئرمين اجلاس جي پڄاڻي ڪندي نجڪ??ري پروگرام کي شفافيت، ڪارڪردگي ۽ مڪمل حڪومتي موقف سان لاڳو ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چيئرمين پروگرام لاڳو ڪرڻ ۾ سمورين ڌرين جي حمايت ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.
ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس