رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وزير محسن نقوي رحيم يار خان ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي تمغه شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حملي آورن کي عبرتناڪ ا??جام تائين پهچايو و??ند??. گهرو وزير شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان ۾ ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪارن جي عيادت ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي سمورن پوليس اهلڪارن وٽ ويو ۽ کائن طبيعت پڇي. گهرو وزير محسن نقوي زخمي اهلڪارن جي بلند حوصلن کي ساراهيو. هن اسپتال انتظاميه کي زخمين جي بهترين علاج جي حوالي سان پڻ هدايتون ڏنيون. ڪالهه گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته اوهان جي عزم ۽ حوصلي کي ساراهيان ٿو، اوهان پ??جا?? پوليس جا بهادر نوجوان آهيو. محسن نقوي چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن کي تمغه شجاعت ڏنو و??ند?? ان سلسلي ۾ اسان سفارش ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته جن اهو حملو ڪيو آهي انهن جو عبرتناڪ ا??جام ڏ??ند??، هي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي. وفاقي حڪومت سموري مدد فراهم ڪري رهي آهي ۽ آئنده به ڪندي رهندي، ر??نجرز به موجود آهي. ڊي جي رينجرز پ??جا??، انسپيڪٽر جنرل پوليس پ??جا??، گهرو سيڪريٽري پ??جا??، اعليٰ ۽ سول عسڪري عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.
گهرو وزير پاران رحيم يار خان ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي تمغه شجاعت ڏيڻ جي سفارش
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو