اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته رانديون نوجوانن جي جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه سان سندن صلاحيتن کي اڀارڻ جو ??هترين ذريعو آهن. وزير اعظم يوٿ پروگرام نوجوانن کي نه رڳو تعليمي ۽ پيشيوراڻا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو ??هي پر راندين ۾ به انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهيو آهي. انهن خيالن جو ??ظهار هن گذريل ڏينهن ماس ريسلنگ جي بهترين رانديگر وقاص افضل بٽ سان ملاقات دوران ڪيو. هن وقاص افضل جي تازين ڪاميابين تي مبارڪون ڏيندي ڪرغزستان ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ نوميڊ گيمز لاءِ نيڪ تمنائن جو ??ظهار ڪيو. راڻا مشهود احمد خان چيو ته راندين کي هٿي وٺرائڻ ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ نهايت اهم آهي، رانديون نوجوانن جي جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه سان سندن صلاحيتن کي اڀارڻ جو ??هترين ذريعو آهن. وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن کي راندين طرف راغب ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي عالمي سطح تي مڃائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته وقاص افضل بٽ جهڙن نوجوان جون راندين ۾ ڪاميابيون اسان جي ملڪ لاءِ فخر جو ??بب آهن ۽ ان جي محنت ۽ اوچائي ٻين لاءِ به مشعل راهه آهي. راڻا مشهود احمد خان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام نه رڳو تعليمي ۽ پيشيواراڻا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو ??هي پر راندين ۾ به نوجوانن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهيو آهي. ملاقات دوران وقاص افضل بٽ کي ورلڊ نو ميڊ گيمز ۾ بهترين ڪارڪردگي لاءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام طرفان مڪمل حمايت ۽ حوصلا افزائي جو يقين ڏياريو. راڻا مشهود احمد خان وقاص افضل بٽ کي مخاطب ڪندي چيو ته هو ان تي ڀرپور اعتماد رکي ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته هو ورلڊ نو ميڊ گيمز ۾ پاڪستان جي جهنڊي ??ي بلند ڪندو. هن نوجوانن کي پيغام ڏنو ته هو راندين ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي دنيا آڏو مڃرائين. هن چيوته وزيراعظم يوٿ پروگرام طرفان نوجوانن جي حوصلا افزائي ۽ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا. واضح رهي ته وقاص افضل بٽ روس ۾ منعقد ٿيل چوٿين عالمي ماس ريسلنگ چيمپيئن شپ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي چانديءَ جو ??مغو کٽيو جنهن سان نه رڳو سندس پر پاڪستان جو نالو به روشن ٿيو. هاڻي هو ورلڊ نو ميڊ گيمز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو جيڪا سڄي دنيا جي قديم ۽ روائتي راندين جي وڏي تقريب آهي.
رانديون نوجوانن جي جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه سان سندن صلاحيتن کي اڀارڻ جو بهترين ذريعو آهن: راڻا مشهود احمد خان
مضمون کا ماخذ : números dupla sena