اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙ?? جي موقعي تي اسان ٻاهرئين جارحيت جي خلاف ملڪ جو دفاع ڪرڻ ۽ عظيم قربانيون ڏيندڙ غازين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هي ڏينهن اسان کي پنه??جي خودمختيار?? جي دفاع طرف پختي قومي عزم جي ياد ڏياري ٿو، آئون هن سرزمين جي انهن بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جن پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جو دشمن جو خواب ڀو?? ڀو?? ڪري ڇڏيو. دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي 6 سيپٽمبر 2024ع جي موقعي تي پنه??جي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان جي هٿياربند فوج قومي خودمختياري ۽ ملڪي سالميت کي درپيش ڪنهن به چئلينج جو جواب ڏيڻ جي لاءِ چوڪس ۽ هر وقت تيار آهي، اسان جي فوج مناسب دفاعي ساز ۽ سامان سان ليس آهي، گهربل پيشيواراڻي مهارت رکڻ ۽ ملڪ کي سمورن چئلينجن کان بچائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ سمورن پاڙيسرين سان پرامن گڏيل بقاءَ جا خواهشمند آهيون جڏهن ته ڪشميري عوام جي خراب حالت جو ازالو ڪري ئي خطي ۾ پائيدار امن ممڪن بڻائي سگهجي ٿو، ننڍي کن?? جي اڻ مڪمل ورڇ جي ڪري ڪشميري عوام کي ڀارتي هٿياربند فوج جي هٿان غيرقانوني قبضو ۽ دهشتگردي درپيش آهي، غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خودمختيار حيثيت جي خاتمي ان مسئلي کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي، ڀارت ڪشميري عوام جي خودمختيار?? جي حق بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. هن چيو ته اڄ پاڪستان کي ڪيترائي خطرا ۽ سيڪيورٽي چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرائڻ جي لاءِ دشمن ملڪ پاڪستان مخالف عنصرن جي حمايت ڪري ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، انهن چئلينجز جي ڏس ۾ اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پوري طر?? تيار آهن، اسان دهشتگرد?? جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنه??جي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهيون. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان پنه??جي بهادر فرزندن جي عزم، سگهه ۽ حب الوطن?? جي جذب?? جي ياد ملهايون ٿا، اڄ اسان وطن جي دفاع جي مقدس فرض جي تڪميل ۾ هٿياربند فوج سان پنه??جي اڻٿڪ حمايت جو وچن ڪريون ٿا، الله تعاليٰ پاڪستان جي حفاظت فرمائي ۽ اسان کي امن ۽ خوشحال?? جي راهه تي گامزن فرمائي.
دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان غازين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores