اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته رو?? سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن ما?? آهي، پاڪستان رو?? سان واپاري، اقتصادي، توانائي، مواصلات ۽ سيڪيورٽي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان رو??ي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم اوورچڪ ۽ سندس وفد جي وزيراعظم هائوس اچڻ تي آجيان ڪئي. رو??ي نائب وزيراعظم سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته رو?? سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن ما?? آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان رو?? سان واپاري، اقتصادي، توانائي، مواصلات ۽ سيڪيورٽي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو ايندڙ مهيني اسلام آباد ۾ رو??ي وزيراعظم مشسٽن جي استقبال جو منتظر آهي. وزيراعظم چيو ته هن سال جولاءِ جي شروع ۾ سندس صدر ولادمير پيوٽن سان انتهائي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. هن ٻطرفي تعاون ۾ وڌيڪ توسيع تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ اعليٰ سطحي وفد موڪلڻ تي صدر پيوٽن جا ٿورا مڃيا. رو??ي نائب وزيراعظم اوورچڪ شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ رو?? جي پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ رو?? جي لاڳاپن کي تعميري ۽ گڏيل طور تي فائديمند قرار ڏنو. ٻنهي ڌريون باقاعده رابطو برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم ۽ رو??ي نائب وزيراعظم رو?? ۽ پاڪستان جي وچ م مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان مفاهمتي يادداشتن تحت گڏيل مفاد جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي، آءِ ٽي، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ تعاون کي فروغ ملندو.
روس سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن مان آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ