اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا ??ي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته مع??شري ۾ تعليم ۽ شعور سان امن کي هٿي ملي ٿي، نوجوان نسل کي تعليم ۽ تربيت سان ئي ملڪ ۽ قوم کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا نوجوان نسل کي معياري تعليم سان گڏ ان جي ڪردار سازي تي به خاص ڌيان ڏين، والدين ۽ استادن جي پهرين ذميداري آهي آهي ته هو قوم جي نوجوانن کي امن، مع??شرتي ادب، صبر ۽ تحمل سان اڳيان وڌڻ جو درس ڏين ته جيئن هڪ خوشحال مع??شري جي جوڙجڪ سان گڏوگڏ ملڪ کي ترقي يافته بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه راولپنڊي ۾ پنجاب ڪاليج ڊي 9 ڪيمپس ۾ انٽرميڊئيٽ جي شاگردن کي ويلڪم ايونٽ ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ڊائريڪٽر پنجاب گروپ آف ڪاليج چوڌري اڪرام، ڪي پي ڪي ??ي گورنر جي آجيان ڪئي ۽ ڪاليج جو دؤرو ۽ شاگردن جي حوصله افزائي ڪر?? تي سندن شڪريو ادا ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته ڪنهن به مع??شري کي جيڪڏهن مثالي بنائڻو هجي ته ان جي صرف تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏجي، مع??شرو پاڻ ئي مثالي بڻجي ويندو. تعليم حاصل ڪر?? جو مطلب صرف ڊگري وٺڻ ناهي پر ??ن سان گڏوگڏ مع??شري جي اصلاح، تعمير ۽ تهذيب سکڻ به شامل آهي ته جيئن شاگرد پنهنجي ديني، مع??شرتي روايتن ۽ قدرن جو خيال رکي سگهن. هن خطاب ڪندي چيو ته انٽرميڊيئيٽ اوهان جي تعليمي سفر جو سڀ کان اهم حصو آهي، ان جي ڪارڪردگي اوهان جي ايندڙ سفر جو تعين ڪندي، جيڪڏهن توهان هتي تعليمي ڪارڪردگي ڏيکاريندا ته اوهان جي منزل آسان ٿي ويندي.
معاشري ۾ تعليم ۽ شعور سان امن کي هٿي ملي ٿي: خيبرپختونخوا جو گورنر
مضمون کا ماخذ : bolão quina