نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، پاڪستان ڪويت سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي مو??عي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان ملاقات ۾ چئ??. و??يراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ??ختلف شعبن جنهن ۾ سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون ۽ عوامي ۽ سماجي مٽاسٽا وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئ??. و??يراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي تحت ڪويت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ عملدرآمد جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ??طرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تعاون وڌائڻ جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت