لاهور- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف اسلام آباد جي امن امان جي صورتحال ک?? ضابطي ۾ رکڻ جي ح??الي سان گهرو معاملن واري وفاقي وزير ، اسلام آباد انتظاميه ۽ اسلام آباد پوليس جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد تي ح??لي کي ناڪام بڻائڻ تي اسلام آباد پوليس شاندار ڪردار ادا ڪيو، پاڪ فوج، پنجاب پوليس ۽ رينجرز به اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال ??رقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار وزيراعظم، گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير، وزيراعظم کي اسلام آباد جي تازه ترين صورتحال ??ي بريفنگ ڏني. وزيراعظم اسلام آباد جي امن امان جي صورتحال ک?? ضابطي ۾ رکڻ جي ح??الي سان وفاقي گهرو وزير، اسلام آباد انتظاميه ۽ اسلام آباد پوليس جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪانسٽيبل حميد شاهه عوام جي جان ۽ مال ??و تحفظ ڪندي شهادت ماڻي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري. وزيراعظم چيو ته قوم اها قرباني هميشه ياد رکندي، شهيد سپاهي جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهيد جي وارثن جو مڪمل طور تي خيال ??کيو وڃي. هن چيو ته اسلام آباد جي شهرين جي جان ۽ مال ??ي ح??اظت کي يقيني بڻايو ويو. صورتحال ??يزي سان معمول طرف اچي رهي آهي. وزيراعظم شهباز ش??يف چيو ته معيشت جي ترقي ۽ مملڪت خداداد جي خوشحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، سياسي مخالفن کي پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري هضم نه ٿي رهي آهي، دنيا پاڪستان جي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪري ٿي، سياسي مخالف پاڪستان جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي معيشيت جي ح??الي سان ڪنهن کي غير قانوني طور تي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ عالمي تقريبون معمول موجب ٿينديون. هن چيو ته سيڪيورٽي جا بهترين ۽ اعليٰ معيار جا انتظام ڪيا پيا وڃن جنهن تي سڄو ڌيان آهي. ان موقعي تي گهرو وزير وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اهم شاهراهون ٽريفڪ لاءِ کوليون ويون آهن، صورتحال ??يزي سان معمول تي اچي رهي آهي، گهرو وزير، وزيراعظم کي سريلنڪا کان پاڪستاني قيدين جي واپسي تي به بريفنگ ڏني ۽ چيو ته سريلنڪا ۾ قيد 56 پاڪستاني قيدي ??ڄ وطن واپس پهچندا. گهرو وزير چيو ته نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان سريلنڪا کان پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي جا سمورا خرچ برداشت ڪندو. وزيراعظم سريلنڪا کان قيدين جي واپسي جي ح??الي سان وفاقي گهرو وزير ۽ نجڪاري واري وزير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ملاقات، اسلام آباد جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت