باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گليشيئرز جي تحفظ جي لاءِ سنجيده، ٺـوس ۽ موثر قدم?? جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته انسانيت جي بقاءَ گليشيئرز جي تحفظ سان مشروط آهي، گليشيئرز پاڻي جو وڏو ذريعو آهي، گليشيئرز جي وڌيڪ پگهڙڻ ??ي روڪٿام جي لاءِ ٺوس ڪوششون ۽ علائقائي تعاو?? جي تمام گهڻي اهميت آهي، پائيدار بنيادن تي گليشيئرز جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊيٽا شيئرنگ ۽ معياري مانيٽرنگ جي لاءِ ملڪ?? جي صلاحيت کي مستحڪم ??ڻائڻو پوندو، پاڪستان ان ڏس ۾ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. تاجڪستا?? جي ميزباني ۾ گليشيئرز جي تحفظ بابت قدم?? جي لاءِ اعليٰ سطحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته تاجڪستا?? جي صدر پاران ان اهم اجلاس جي انعقاد جي آجيان ڪريون ٿا جنهن ۾ شريڪ وفد دنيا خاص طور تي هن خطي ۾ تيزي سان پگهڙجندڙ گليشيئرز جي خاتمي لاءِ پنهنجو موثر حصو وجهي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گليشيئرز جي تحفظ جي عالمي سال جي موقعي تي هڪ واضح پيغام وڃڻ گهرجي ته گليشيئرز جي منتقلي بدران ا?? جي پگهڙڻ کي گهٽ ڪرڻ، وائٽل ايڪو سسٽم جي تحفظ ۽ مستقبل جي لاءِ پاڻي وسيلن کي محفوظ بڻائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان وڏي پئماني تي گليشيئرز جو گهر آهي، انهن وسيع ذخير?? جي نقصان?? جي روڪٿام اسان جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته گليشيئرز سڄي دنيا جي ڪروڙين انسان?? جي لاءِ لائيف لائين آهن، انهن گليشيئرز سان دنيا کي 70 سيڪڙو تازو پاڻي ملي ٿو، پاڪستان ۾ 7 هزار کان وڌيڪ گليشيئرز موجود آهن جنهن مان سنڌو درياءَ جو 60 کان 80 سيڪڙو پاڻي دستياب هوندو اهي ۽ پاڪستا?? جي زراعت جو 90 سيڪڙو پاڻي هتي ميسر اچي ٿو ۽ 20 ڪروڙ عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي، 1960ع جي مقابلي ۾ گليشيئرز ۾ 23 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ا?? جي نتيجي ۾ گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، تيزي سان پگهڙجندڙ انهن گليشيئرز سان پاڪستا?? جي اترئين علائقن ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ ڍنڍون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، انهن مان 33 کان ٻوڏ جو شديد خطرو آهي جنهن سان وڏي انگ ۾ زندگين کي خطرو آهي، اها هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي ۽ فوري ڪارروائي جي گهرجائو آهي. هن چيو ته ”گليشيئرز 2025ع: قدم“ ان بحران طرف عالمي ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ هڪ منفرد ڪوشش آهي، گليشيئرز جي وڌيڪ پگهڙڻ ??ي روڪٿام جي لاءِ ٺوس ڪوشش?? جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته انهن لائيف سورسز کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ علائقائي تعاون اهم آهي ۽ انهن ذريعن کي برف جي پگهڙڻ کان روڪڻ تمام ضروري اهي، ان حوالي سان ڊيٽا شيئرنگ ۽ گليشيئرز جي معياري مانيٽرنگ جي لاءِ ملڪ?? جي صلاحيت کي مستحڪم ??ڻائڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان کي گليشيئرز مانيٽرنگ پروگرام، ارلي وارننگ سسٽم، پاڻي جي ذخيري ڪرڻ جي متبادل حل سميت ٻين قدم?? جي لاءِ گهربل امداد ۾ اضافي جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان انهن قدرتي وسيل?? جي تحفظ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، گليشيئرز، ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن ۽ دُنيا جي مستقبل جي تحفظ جي لاءِ سمورن ملڪن کي متحد ٿي ٺوس قدم کڻڻا پوندا.
انسانيت جي بقاءَ گليشيئرز جي تحفظ سان مشروط آهي، گليشيئرز پاڻي جو وڏو ذريعو آهي، گليشيئرز جي وڌيڪ پگهڙڻ جي روڪٿام جي لاءِ ٺوس ڪوششون ۽ علائقائي تعاون جي تمام گهڻي اهميت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر