بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ انڊونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آه??. چيني ميڊيا رپورٽس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ”بيلٽ اينڊ روڊ فورم“ جي موقعي تي ٿي، انڊونيشين صدر عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ چين جي سرڪاري دوري تي آه??. ملاقات ۾ شي جن پنگ نشاندهي ڪئي ته انڊونيشيا اها پهرين جڳهه ??هي جتي هن 21 هين صدي جي ميري ٽائيم سلڪ روڊ جي تعمي?? جي تجويز ڏني، گذريل 10 سالن دوران ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏ??ل تعمير ۾ چين ۽ انڊونيشيا جو تعاون خطي ۾ سڀ کان اڳتي رهيو ??هي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي تمام گهڻو فائدو پهتو ??هي ۽ اهو ”بيلٽ اينڊ روڊ“ تحت تعاون جو اهم نمونو بڻجي ويو آه??. هن چيو ته ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏ??ل تعمير ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ اتحاد، گڏ??ل تعاون ۽ پاڻڀرائپ کي ظاهر ڪري ٿو، چين انڊونيشيا سان گڏ??ل تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تيار آه??.
چين جي صدر ۽ انڊونيشيا جي صدر ۾ ملاقات، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II