راولپنڊي – 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف جي اقامي تي جيڪو پئمانو رکيو ويو هو اهو ن??ازي سروسز لميٽيڊ جي لاءِ ڇو ن?? رکيو ويو، جڏهن قانون جا ٻه پئمانا هجن ته آواز ته ايندا، عمران خان جي فيصلي پاناما ڪي?? ۾ ??ختيار ڪيل پئماني جي نفي ڪري ڇڏي آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير مريم اورنگزيب راولپنڊي آرٽس ڪائونسل ۾ ڪلرز آف ڪوريا جي عنوان سان منعقد ٿيندڙ تصويري نمائش جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ??ڪ سوال جي جواب ۾ مريم اورنگزيب چيو ته جيڪو بيان آيو اهو پاڪستان جي عوام ۽ سول سوسائٽي جي آ??از سبب آيو، 28 جولاءِ جي فيصلي جا اثر پوري قوم ڏسي رهي آ??ي، جيڪڏهن چونڊيل حڪومت کي سسيلين مافيا چيو ويندو ته عوامي ردعمل فطري آ??ي. هن چيو ته تاريخ جي ڏس ۾ ڏسو جڏ??ن ادارن تي پريشر پيو ته نظريه ضرورت به سامهون آيو، پنهنجي دفاع ۾ ڳالهه ڪرڻ ادارن سان ٽڪراءُ ناهي هوندو، پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي نواز شريف جي نالي تي ووٽ ملي ٿو.
نواز شريف لاءِ جيڪو پئمانو رکيو ويو اهو نيازي سروسز لاءِ ڇو نه رکيو ويو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج