اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ايران جي سرڪاري خابرو ايجنسي (ارنا) جي بي??رو چيف سيد بهادر حسيني ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ ??ان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ان ڳالهه ت?? اتفاق ڪيو ويو ته خبرن جي مٽاسٽا ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۾ فروغ سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ ان طرح جي قدمن سان ٻنهي پاسن کان عوام ۾ سڌي سنئين رابطي کي فروغ ملڻ سان گڏوگڏ سفا??تي لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. ايراني سرڪاري خابرو اداري ارنا جي بي??رو چيف بهادر حسيني تهران ۾ ارنا جي هيڊ آفيس جو د??رو ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ لاءِ اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ??ان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه طرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ايم ڊي اي پي پي مسعود ملڪ ??يندڙ سال ارنا جي صدر آفيس جو د??رو ڪرڻ جي دعوت قبول ڪندي چيو ته ميڊيا ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
ايراني خابرو ايجنسي جي بيورو چيف جي اي پي پي جي ايم ڊي مسعود ملڪ سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ