تهران -12 جولاءِ (اي پي پي) ايران جو صدر ابراهيم رئيسي اڄ (اربع) تي آفريقي ملڪن ڪينيا، يوگ??نڊ?? ۽ زمبابوي جي 3 ڏينهن واري دوري جي شروعات ڪندي ڪينيا روانو ٿيندو. پرڏيهي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ايراني صدر سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وزير کان علاووه ملڪ جون اهم ڪاروباري شخصيتون پڻ شامل آه??. دوري دوران ابراهيم رئيسي ٽنهي ملڪن جي صدرن سان ملاقات ڪندو. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ان دوري کي هڪ نئ??ن موڙ قرار ڏنو جيڪو آفريقي ملڪن سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته ايران ۽ 3 آفريقي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گ??يل سياسي نظرين تي ٻڌل آه??. ياد رهي ته گذريل 11 سالن ۾ ڪنهن به ايراني صدر پاران آفريقا جي ڪنهن به ملڪ جو اهو پهريون دورو هوندو.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا