گڏيل قومون 211; 30 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته گذريل ڏينهن 29 آڪٽوبر تي 30 کان وڌيڪ ٽرڪون غزه ۾ د??خل ٿيون جيڪي ان علائقي ۾ اجازت ملڻ بعد کان انساني امداد جي اها سڀ کان وڏي کيپ آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق انساني معاملن بابت گڏيل قومن جي آفيس (او سي ايڇ اي) پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته پاڻي، خوراڪ ۽ طبي سامان کڻي ويل 33 ٽرڪون مصر جي سرح?? تان رفح بارڊر ڪراسن?? تان گذريون آهن. واضح رهي ته 21 آڪٽوبر تي امداد جي بحالي بعد ڪل 117 ٽرڪون رفح رستي غزه ۾ د??خل ٿي چڪيون آهن. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر تي اسرائيل حماس جي حملي جي جواب ۾ غزه جو مڪمل گهيراءُ ڪيو هو جڏهن ته اسرائيل جي دفاع واري وزير اعلان ڪيو هو ته اتي نه بجلي هوندي، نه خوراڪ ۽ نه ئي ٻارڻ. ان کان اڳ روزانو اٽڪل 500 ٽرڪون امداد ۽ ٻين سامان جون ڄاڻايل علائقي ۾ د??خل ٿينديون هيون.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو