واشنگٽن-01 مئ?? (اي پي پي)آمريڪا چيو آهي ته رفح ۾ اس??ائيلي فوجي آپريشن جي حوالي سان سندس خدشا ختم ناهن ٿيا، اس??ن فوري جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ بابت پُرعزم آهيون. العربيه ار??و مطابق اها ڳالهه آمريڪي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته اس??ئيل ڏکڻ غزه پٽيءَ جي شهر رفح ۾ فوجي آپريشن جي حوالي سان ڪو قابل اعتماد منصوبو سامهون نه آڻي سگهيو. پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن به اس??ائيلي عملدارن سان ملاقات دوران فوري جنگبندي معاهدي تائين پهچڻ ۽ يرغمالين جي رهائيءَ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير گذريل ڏينهن ايريز (بيت حانون) ڪرانسگ ذريعي غزه پٽيءَ ويندڙ پهرين ار??ن جي امدادي ٽرڪن واري قافلي جو مشاهدو ڪيو. واضح رهي ته ان ک??ن اڳ اس??ائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ان عزم جو اظهار ڪيو هو ته رفح شهر ۾ بيگهر ٿيل 10 لک کان وڌيڪ فلسطينين جي مستقبل بابت عالمي ڳڻتيءَ باوجود فوجي ڪارروائي جاري رکندا.
رفح ۾ اسرائيلي فوجي آپريشن جي حوالي سان اسان جا خدشا ختم ناهن ٿيا، فوري جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ بابت پُرعزم آهيون: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج