ڪينبرا-12 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا افغانستان ۾ جنگ وڙهندڙ ڪمانڊرن کان تمغا واپس وٺڻ جو في??لو ڪيو آهي جن جي يونٽ مبينه جنگي ڏوهن ۽ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هئا. پرڏيهي خابرو اداري موجب آسٽريلوي دفاع واري وزير رچرڊ مارلس چيو ته اهو في??لو ماضي جي غلطين جو ازالو ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي. اهو في??لو ان مخصوص يونٽ جي ڪمانڊرن بابت آهي جيڪي 2005ع ۽ 2016ع جي وچ ڌاري انچارج طور فرض سرانجام ڏئي رهيا هئا. ڪمانڊر جن جو انگ 10 کان گهٽ ٻڌايو ويو آهي، ان??ن کان ايوارڊز واپس ورتا ويندا، تنهن هونددي به رازداري جي اصولن تحت ان??ن جا نالا جاري نه ڪيا ويندا. هڪ سرڪاري انڪوائري ۾ 11 سالن جي عرصي ۾ آسٽريليا جي ايليٽ اسپيشل فورسز هٿان افغانستان ۾ 39 شهرين ۽ قيدين جي مبينه غير قانوني قتل جي جاچ ڪ??ي وئي، 2020ع ۾ ٿيل جاچ ۾ آسٽريلوي فورسز طرفان موت جي سزا، لاشن جي ڳڻپ ۽ تشدد جا الزام سامهون آيا هئا ۽ پوليس کي 19 ماڻهن خلاف جاچ جي سفارش ڪ??ي وئي هئي، انڪوائري ۾ 19 ماڻهن کي آسٽريلين فيڊرل پوليس حوالي ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي هئي پر ??هو عمل دير جو شڪار آهي. اسٽريلوي دفاع واري وزير چيو ته گذريل ڏينهن في??لي ۾ شامل ڪمانڊرن کي ان??ن جي يونٽس جي مبينه طور ڪيل جنگي ڏوهن بابت علم نه هو، پر ان??ن جي حوالي سان اها اميد هئي ته کين معلوم ٿي ويندو ته ڇا ٿي رهيو آهي، هن چيو ته آسٽريليا هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو پاڻ کي جوابده سمجهي ٿو، آسٽريليا جو گورنر جنرل اهو طئي ڪندو ته تمغا ڪيئن ۽ ڪڏهن واپس ورتا وڃن.
افغانستان ۾ جنگي ڏوهه ڪرڻ سبب آسٽريليا پاران ڪمانڊرن کان تمغا واپس وٺڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : ریل رش