مانسهره – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ نئون پاڪستان اسان ٺاهي رهيا آهيون، عوام پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي ٻاهر اڇلائيندو، سازشون ڪندڙن کي عوام منهن ڏيندو، اسان نعرا هڻڻ ت?? نه ڪم تي يقين رکون ٿا. ڍڍيال ۾ عوامي م??ڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اڄ ڍڍيال ۾ اچي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ان جو هتان جي عوام اندازو نه ٿي ڪري سگهي، عوام جو جوش ۽ جذبو ۽ پراميد چهرو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته اڄ آئون ترقي ۽ خ??شح??لي جي سفر تي نڪتو آهيان، جلسن، جلوسن جي مهم تي نه، اڄ هتي الله جي فضل ۽ ڪرم سان هڪ تاريخي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ آيو آهيان. وزيراعظم چيو ته مون ??دا??ين چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان پوري پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي خ??شح??لي ۽ ان جي بهتري جو ۽ بيروزگاري جي خاتمي جي ايجنڊا رکون ٿا، اسان جي ڌرڻن جي ايجنڊا نه آهي، اسان ملڪ کي بهترين ملڪ بڻائڻ جي ايجنڊا رکون ٿا ۽ ملڪ ان طرف گامزن آهي. هن چيو ته مون کي هتي موٽروي ٺهڻ ت?? تمام گهڻي خوشي آهي، برهان کان حويليان تائين موٽروي تي پهرين مرحلي ۾ ڪم شروع ڪيو، هاڻي حويليان کان شنڪاري تائين موٽروي شروع ٿي رهي آهي، هي ان موٽروي کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهي جيڪا لاهور ۽ اسلام آباد يا پشاور وڃي رهي آهي، اها به ڇهن ڦاڪن واري آهي ۽ هي به ڇهن ڦاڪن واري آهي.
وزيراعظم محمد نواز شريف جو ڍڍيال ۾ عوامي ميڙ کي خطاب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا