اسلام آباد/رياض – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 15 آڪٽوبر تي سعودي عرب جو دورو ڪيو ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد ش??زاده محمد بن سلمان سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. اهو دورو خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن جو حصو هو. وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري جي پڄاڻي تي جاري ٿيندڙ پڌرنامي موجب ملاقاتن دوران وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ?? سعودي عرب جا لاڳاپا انتهائي گهرا ۽ گهڻ رخا آهن. وزيراعظم توانائي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون، ٻه طرفي واپار ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ