اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ??ڪ طرف ڌانڌلي جي واويلا مچائي رهي آهي ته ٻي طرف شف??ف چونڊ نظام جي مخالفت ۾ ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مخالف ڌر جو ٻٽو رويو ”هاٿي جا ڏند کائڻ جا ٻيا ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا“ جي برابر آهي. هن چيو ته سياسي منافقت جو ٻيو نالو پي ڊي ايم آهي. حق ۽ سچ جي جدوجهد ۾ عمران خان هماليه وانگر بيٺل آهي.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر