اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا ڊيولپمي??ٽ اٿارٽي جي مسودي تي سمورين ڌرين ??ان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز ڪنهن ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت نه آهن، ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ ڪجهه سالن ۾ 25 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، پاڪستان برطانيا ??ان ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، اميد آهي ته برطانوي حڪومت پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي حوالي ??ان پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽ??نر ??ان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير برطانوي هاءِ ڪمشنر کي پاڪستان ۾ تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊيولپمي??ٽ اٿارٽي بابت آگاهه ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊيا ڊيولپمي??ٽ اٿارٽي جو مقصد ميڊيا جي ترقي ۽ موثر استحڪام جي لاءِ ٺوس موقف کي يقيني بڻائڻ ۽ ميڊيا پريڪٽيشنرز ۽ ڪنزيومرز کي ون ونڊو آپريشن فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته حڪومت فلم انڊسٽري جي فروغ لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جي عمل کي آ??ان بڻائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جي جمهوري قدرن جو تحفظ، فروغ ۽ تنقيد جو حق ڪنهن به مهذب جمهوري معاشري جي لاءِ لازمي آهي. چوڌري فواد حسين برطانوي هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ته هن وقت 7 ريگيوليٽري باڊيز ميڊيا جي ادارن کي هلائي رهيون آهن جن ۾ پيمرا، پريس ڪائونسل آف پاڪستان، پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي، سينٽرل بورڊ آف فلمز سينسرز، پريس رجسٽرار آفيس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن ۽ امپلي مينٽيشن ٽ??بيونل فار نيوز پيپرز ايپملائيز شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز ڪنهن ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت نه آهن ريگيوليشن جي موجوده طريقيڪار تحت اٽڪل اڌ درجن فرسوده قانون موجود آهن جيڪي ميڊيا جي جديد دور جي گهرجن کي پورو نه ٿا ڪن. هن چيو ته تجويز ڪيل فريم ورڪ عالمي طريقن موجب چئلينجز کي ختم ڪندو ته جيئن پاڪستان کي ملٽي ميڊيا انفارميشن اينڊ ڪانٽينٽ سروسز جي لاءِ هڪ وڏو عالمي مرڪز بڻائي سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان جديد دور جي گهرجن موجب هڪ واحد قانون آڻڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ ميڊيا پليٽ فارمز ۽ شهرين جي لاءِ سهولتن تي ڌي??ن هجي. هن چيو ته تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊيولپمي??ٽ اٿارٽي ۾ ترقي، جدت، ڊيجيٽل معيشت تربيت ۽ تحقيق تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمي??ٽ اٿارٽي ۾ پريس ڊائريڪٽوريٽ، ڊيجيٽل ميڊيا اينڊ فلم ڊائريڪٽوريٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ، ميڊيا ڪمپلينٽس ڪميشن ۽ ميڊيا ٽربيونل هوندا. هن چيو ته هڪ جمهوري معاشرو هجڻ جي ڪري پاڪستان ۾ ميڊيا جو هڪ متحرڪ منظرنامو آهي، پاڪستان ۾ 114 سيٽلائيٽ ٽيليويزن چينلز ڪم ڪري رهيا آهن جن مان 31 نيوز اينڊ ڪر??ٽ افيئرز جا چينلز آهن، اهڙي طرح پاڪستان ۾ ايف ايم چينلز جو مجموعي انگ 258 آهي جن مان 196 ڪمرشل ۽ 62 نان ڪمرشل آهن. هن ٻڌايو ته اطلاعات واري مملڪتي وزير جي صدارت ۾ قائم ڪميٽي نجي شعبي جي ڌرين ??ان مشاورت جو سلسلو جاري رکيو آهي، ان ڪميٽي اي پي اين ايس، سي پي اين اين، پي بي اي ۽ پي ايف يو جي جي عهديدارن ۽ پريس ڪلبن ??ان اجلاس منعقد ڪيا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي برطانوي هاءِ ڪمشنر تجويز ڏني ته پي ايم ڊي اي جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. هن چيو ته سمورين ڌرين کي يقين ڏياريو وڃي ته هي اٿارٽي صحافين جي سهولت لاءِ آهي جڏهن ته ان ??ان تنقيد جو حق متاثر نه ٿيندو. ملاقات ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته برطانوي حڪومت پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي حوالي ??ان پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪند?? ڇو ته حڪومت پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي انگن اکرن جي حوالي ??ان برطانيا جا ڪيترائي خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت