اسلام آباد/نيو??ار?? – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي نيو??ار?? ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر ريپبلڪن سينيٽر جيمز رش سان ٽيليف??نڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير پاڪستان پاران آمريڪا سان ڊگهي بنياد، اسٽريٽجڪ حصيداري جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو جيڪو ٻطرفي ۽ علائق??ئي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پرڏيهي وزير علائق??ئي رابطي، ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي اهيمت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير افغانستان ۾ هڪ جامع، سياسي حل کي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکڻ تي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته افغانستان ۾ هڪ مستحڪم ۽ وسيع بنياد حڪومت جي ضرورت آهي ته جيئن عالمي دهشتگرد گروه، افغان سرزمين جو ٻيهر ڪڏهن استحصال نه ڪري سگهن، آمريڪي سينيٽر رش ٻطرفي ۽ علائق??ئي معاملن تي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جاري رکڻ جي حوالي سان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي جي موقف سان اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير جو آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر ريپبلڪن سينيٽر جيمز رش سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔