اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان عراق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، عراق پاڪستان جي تربيت يافته افرادي قوت مان مستفيد ٿي سگهي ٿو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ عراق جي سفير حامد عباس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن س??ڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائ?? ۽ ??المي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان عراق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پارليامان?? ۽ ??قتصادي رابطن جي فروغ جي ذريعي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو. هن جو چوڻ هو ته گڏيل واپار جو موجوده ??اپو ٻنهي ملڪن جي صلاحيت جي مقابلي ۾ گهٽ آهي، ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس ۾ رابطن کي فروغ سان واپاري ماپي ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.
ڊپٽي اسپيڪر چيو ته عراق پاڪستان مان چانور، جراحي اوزار، ران??ين جو سامان، فرنيچر ۽ ٻيون شيون درآمد ڪري ۽ هتي جي تربيت يافته افرادي قوت مان لاڀ پرائي سگهجي ٿو، هن چيو ته عراق ۽ ايران ۾ زيارت لاءِ ويندڙ زائرين لاءِ هڪ منظم لائحه عمل جوڙيو پيو وڃي، زائرين ۽ عراق ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي سهولتن جي فراهمي واکاڻ جوڳي آهي ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آئل پائيپ لائين وڇائڻ جو منصوبو خوش آئنده آهي، قاسم سوري چيو ته عراقي قوم بهادر قوم آهي ان ثابت قدمي سان پنهنجي مسئلن تي ضابطو آندو، امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسلامي ملڪن ۾ اتحاد ۽ ويجهو تعا??ن ضروري آهي، ان موقعي تي عراقي سفير حامد عباس لفته چيو ته عراق پاڪستان س??ن پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن جو چوڻ هو ته عراق موجوده ??اڳاپن کي اقتصادي ۽ واپاري رابطن جي فروغ سان وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.